آءِ ايم ايف پاران ايندڙ سال 12هزار 900 ارب رپيا ٽيڪس هدف مقرر ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف پاڪستان کي ايندڙ مالي سال لاءِ 12 هزار 900 ارب رپين جو ٽئڪس ٽارگيٽ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايف بي آر کي ايندڙ مالي سال ۾ 3 هزار 490 ارب رپيا اضافي ٽئڪس گڏ ڪرڻو پوندي ڇو ته آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ ٽئڪس ٽارگيٽ 12 هزار 900 ارب رپيا مقرر ڪرڻ ۽انڪم ٽئڪس اڳاڙڻ وارن جو انگ ٻيڻو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. انڪم ٽئڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جو انگ 30 لکن مان وڌائي 60 لک ڪرڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن کي هر صورت ۾ ٽئڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو شرط رکيو آهي. ذريعن موجب ايندڙ سال ٽئڪس ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت زرعي شين، ٻج، ڀاڻ، ٽريڪٽر ۽ ٻئي سامان تي مڪمل سيلز ٽئڪس لاڳو ڪئي ويندي. ذريعن موجب کاڌي پيتي، دوائن، اسٽيشنري تي 10 سيڪڙو سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن تي سيلز ٽئڪس جي شرح ۾ 1 کان 2 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. آءِ ايم ايف جي شرطن تي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 2 هزار ارب رپين جي اضافي ٽئڪس لڳندي. ايندڙ بجيٽ ۾ جي ڊي پي جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ سالياني ٽئڪس گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، حڪومت کي جي ايس ٽي، انڪم ٽئڪس، ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي تي تاريخي اضافي روينيو قدم کڻڻا پوندا. مطلب ته حڪومت کي ايندڙ بجيٽ ۾ 2 کرب رپين جي اضافي ٽئڪس لڳائڻي پوندي، جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه لڳائي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.