چمن ۾ ٽئين ڏينهن به هڙتال، ڊي سي آفيس ٻاهران ڌرڻو

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ حالتون معمول تي نه اچي سگهيون، جتي ٽئين ڏينهن به مڪمل هڙتال رهي. جڏهن ته چمن ۾ ڊي سي آفيس ٻاهران ڌرڻو جاري رهيو. رپورٽن مطابق احتجاج سبب ڊي سي ڪمپليڪس سميت سموريون سرڪاري، خانگي آفيسون ۽ بئنڪون مڪمل طور بند رهيون، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا ضلعي آفيسر ڪالهه ٽئين ڏينهن به آفيسن ۾ موجود نه هئا. ان کان علاوه ڪوئيٽا- چمن هاءِ وي تي ٽريفڪ جي رواني معطل رهي، ڪجهه هنڌن تي معمولي جهيڙا به ٿيا پر ڪو به وڏو واقعو پيش نه آيو. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ چمن ۾ احتجاج ڪندڙ ڌرڻي جي اڳواڻن جي گرفتاري تي ڪاوڙ ۾ اچي ويا هئا، هنن سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا هئا، جنهن ۾ 17 سڪيورٽي اهلڪارن سميت 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.