عمران خان سياستدانن بدران رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو خواهشمند

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان انهن سان ڳالهيون ڪنداسين جن وٽ طاقت آهي. اهڙو اظهار جمع ڏينهن اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ موجود جيل اهلڪار موجب هڪ صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته هاڻي سپريم ڪورٽ به سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ جو چيو آهي. ان تي عمران خان چيو ته مشرف دور ۾ به مون شوڪت عزيز سان ڳالهيون نه ڪيون هيون، مون مشرف جي نمائندي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. عمران خان چيو ته اسان اتي ڳالهائينداسين، جن وٽ پاور آهي، حڪومت وٽ ته طاقت ئي ناهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 14 مئي 2023ع تي پنجاب اليڪشن جي اجلاس دوران به ن ليگ وارن چيو هو ته جنرل عاصم منير اليڪشن نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. عمران خان چيو ته جسٽس بنديال جي چوڻ تي اسان سياسي پارٽين سان چونڊن تي ڳالهيون ڪيون. قانون موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻيون هيون، پر بنديال سندن دٻاءُ هيٺ اچي ويو هو. هڪ ٻئي صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته جڏهن ميان نواز شريف شيخ مجيب جو حوالو ڏئي حمود الرحمان ڪميشن بابت ڳالهائيندو هو ته توهان چوندا هئا ته نواز شريف ٻيو مجيب الرحمان بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته ان وقت مون حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ نه پڙهي هئي، هاڻي مون اها رپورٽ مڪمل پڙهي ورتي آهي. عمران خان چيو ته حمود الرحمان ڪميشن جوڙڻ جو مقصد هو ته اهڙي غلطي ٻيهر نه ورجائي وڃي.  عمران خان چيو ته ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ جنرل يحيٰ کي ذميوار قرار ڏنو ته هن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اقتدار لاءِ ڪيو. هڪ ٻئي صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان پوسٽ ڪيل مواد توهان جي مرضي سان شيئر ڪيو ويو هو، جنهن تي عمران خان چيو ته مان جيل ۾ ويهي وڊيو ڪيئن پوسٽ ڪري سگهان ٿو. صحافي پڇيو ته ڇا توهان هن پوسٽ کي صحيح سمجهو ٿا؟ عمران خان جواب ڏنو ته مان ان ٽوئيٽ کي تسليم ڪيان ٿو، پر ان سان لڳايل وڊيو مون نه ڏٺي آهي، تنهن ڪري مان ان تي نه ڳالهائيندس. جڏهن عمران خان کان پڇيو ويو ته توهان جو ايڪس اڪائونٽ ڪير هلائي ٿو، اجازت ڪنهن ڏني آهي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مان ٽوئيٽ جو رڳو وڪيلن کي ٻڌايان ٿو،  عمران خان چيو ته سوشل ميڊيا وارا ماڻهو اسان جا هيرو آهن. عدالت ۾ موجود صحافي بابر ملڪ موجب عمران خان چيو ته ملڪ وري اهو ورجايو پيو وڃي، جنهن سان معيشت تباهه ٿي ويندي، پهريان ملڪ ٽٽي ويو هو ۽ هاڻي معيشت ويهجي ويهي رهي آهي. جيل ۾ سهولتن ۽ حڪومتي دعوائن بابت پڇڻ تي پي ٽي آءِ باني چيو ته مون کي ڪابه شڪايت ناهي، مون کي ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي، مون وٽ ايڪسائيز مشين کانسواءِ ڪا به سهولت ناهي. عمران خان چيو ته سمورين سيلن ۾ روم ڪولر لڳل آهن، منهنجي سيل ۾ ڪو به واش روم ناهي. غسل ڪرڻ لاءِ ٻئي ڪمري ۾ ويندو آهيان. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري کي قيد دوران لگزري سويٽ ڏنا ويا ۽ سندن کاڌو به ٻاهران ايندو هو، هر ڪنهن سان ملندا هئا. عمران خان چيو ته مون کي وڪيلن سان اڌ ڪلاڪ ۽فيملي سان 20 منٽن تائين ملاقات جي اجازت ڏني وئي آهي. عمران خان چيو ته مان شڪايت نه ٿو ڪريان، مون هن وقت تائين ڪنهن به رعايت يا سهولت جو مطالبو ناهي ڪيو. عمران خان چيو ته مون کي هڪ  قيدي ماني پچائي ڏيندو آهي. هڪ ٻئي سوال تي عمران خان چيو ته موجوده بجيٽ ۾ مهانگائي جي شرح وڌي ويندي، ملڪ جا قرض وڌي ويندا، اهو سڀ ڪجهه ڏسي پيپلزپارٽي حڪومت ۾ شامل نه ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.