اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي 3 ججن جي مقرري لاءِ سفارش ڪري ڇڏي، چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هاءِ ڪورٽ جي 3 ججن جي مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ ٽن ججن جي خالي سيٽن تي مقرري واري معاملي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو.ذريعن موجب اجلاس ۾ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ شهزاد احمد کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، ان کان علاوه چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ عقيل احمد عباسي جي نالي جي به سفارش ڪئي وئي.ذريعن موجب عدالتي ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد بلال کي به سپريم ڪورٽ آڻڻ جي سفارش ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن ججن جا نالا حتمي منظوري لاءِ پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن.
-
سپريم ڪورٽ ۾ ٽن ججن جي مقرري تي پهريون ڀيرو شديد اختلاف
اسلام آباد ( معظم فخر) سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرريءَ جي معاملي تي پهريون دفعو شديد اخلاف سامهون اچي ويا، جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ۾ واضع طور تي اختلاف ڏسڻ ۾ آيا، ايتري قدر جو ججن جي مقرريءَ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي ججن پنهنجي ئي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزد ڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شهزاد ملڪ جي نالي تي به اعتراض واري ڇڏيو.، سپريم ڪورٽ ۾ ٽن ججن جي تقرري ڪئي وئي جن مان ٻه پنجاب هاءِ ڪورٽ ۽ هڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان کنيو ويو، پنجاب هاءِ ڪورٽ مان جسٽس شاهد بلال ۽ شهراد ملڪ جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان جسٽس عقيل عباسي کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسى جي مقرريءَ کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي آساميءَ تي مقرري ان وقت جي چيف جسٽس جي مرضيءَ سان ئي ٿيندي هُئي، هو جنهن به هاءِ ڪورٽ جي جسٽس کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪندو هو ته باقي جج ان جي چونڊ کي منظور ڪندا هيا، پر جڏهن کان قاضي فائز عيسى چيف جسٽس ٿي آيو ته ان ججن جي مقرريءِ متعلق نئين طريقي کي متعارف ڪرايو، جسٽس شهزاد ملڪ کي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى پاڻ نامزد ڪيو جنهن جي نالي تي سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن اعتراض ڪري پنهنجي ئي چيف جسٽس جي نامزد ڪيل جسٽس کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ مان مقرر ڪيل چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ عقيل احمد عباسي سينارٽيءَ جي حوالي سان ڇهه سال اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو اميدوار هيو پر ان وقت سندس سينيارٽي رد ڪندي ان جي جاءِ تي سندس کان جونيئر جسٽس منيب کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو هو.