اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ ۽ وفاقي حڪومت تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 16 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ کي ثابت نه ڪري سگهيا ته ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏينداسين. ٻي صورت ۾ وزير استعيفيٰ ڏيندو. ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي شروعات ۾ نون چونڊيل ميمبرن سيد علي قاسم گيلاني ۽ زينب بلوچ حلف کنيو، ان موقعي تي لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو.ڪراچي ۾ بجلي جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو. ڌيان ڇڪايو نوٽيس اسد عالم نيازي طرفان پيش ڪيو ويو. جنهن جي جواب ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ جواب ڏنو ته 2000 کان وڌيڪ فيڊرز مان 1500 تي تمام گهٽ لوڊشيڊنگ آهي.هن چيو ته نيپرا ۾ لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ جو مسئلو چيلينج ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، انهن علائقن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي جتي بجلي چوري ۽ لائن لاسز آهن،نبيل گبول چيو ته لياري ۾ ٻه ٻه ڏينهن بجلي بند رهي ٿي، ڪراچي ڪربلا بڻيل آهي، مسئلو سول نافرماني ڏانهن وڃي رهيو آهي، اسد عالم نيازي چيو ته دنيا ۾ ڪٿي ائين ٿئي ٿو ته بل ادا نه ڪرڻ وارن کي سزا ڏني وڃي، 16، 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جنهن تي مملڪتي وزير چيو ته 6 کان 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي پئي، ان کان وڌيڪ ناهي ، اسد عالم نيازي چيو ته بجلي هڪ دفعو ٻيهر 3 رپيا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مان هڪ اهڙي شخص جو بل کڻي آيو آهيان جنهن جي پگهار 30 هزار ۽ بل 17 هزار آهي، پ پ ميمبر مرزا اختيار بيگ ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي مملڪتي وزير کي چئلينج ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ 16، 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي، هو ثابت ڪرڻ لاءِ تيار آهن،هن چيو ته اسان ڪنهن کي نيٽ ميٽرنگ ختم ڪرڻ نه ڏينداسين، غريب ماڻهن جمع پونجي لڳائي سولر سسٽم لڳايو آهي، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته نيٽ ميٽرنگ جي سسٽم ۾ ڪا به تبديلي نه پئي ٿئي، پ پ ميمبر آغا رفيع الله چيو ته مملڪتي وزير بابو لکيل معلومات عوام کي ٻڌائي رهيو آهي، جيڪڏهن بابو لکيل ڄاڻ ڏيڻي آهي ته پوءِ انا لله وانا اليه راجعون پڙهو، بل ادا ڪندڙن کي لوڊشيڊنگ جو ڇو عذاب ڏنو پيو وڃي. پ پ ميمبر شازيه مري سنڌ ۾ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ميٽر ۾ بجلي ناهي پر بل لکن ۾ اچن ٿا، جيڪڏهن سنڌ ۾ بجلي نه هجي ته وزير ايوان ۾ نه اچن، لوڊشيڊنگ عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته هي ڪهڙي جمهوريت آهي جتي ڪارڪنن کي کنڀيو وڃي،علي قاسم گيلاني پنهنجي تقرير ۾ ڏکڻ پنجاب کي صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته نوجوانن کي هن بجيٽ ۾ اميد ڏيڻ جي ضرورت آهي، غزا جي ٻارن کي نه وسارڻ گهرجي، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته چمن سميت ٻين هنڌن تي احتجاج جاري آهي، حڪومت معاملي کي سنجيده نه پئي وٺي، سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا چيو ته هڪ طرف اسان کي ڊائلاگ جو چيو وڃي ٿو ٻئي پاسي گرفتاريون ٿي رهيون آهن،پي ٽي آءِ جي علي محمد خان چيو ته عمران خان کي سيل ۾ بند ڪري عوام جي تذليل ڪئي پئي وڃي