اسلام آباد (م ڊ) قومي اقتصادي ڪائونسل قائم ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو، صدر مملڪت آئين جي آرٽيڪل 156 تحت قومي اقتصادي ڪائونسل قائم ڪري ڇڏي آهي، نوٽيفڪيشن موجب، وزيراعظم شهباز شريف قومي اقتصادي ڪائونسل جو چيئرمين هوندو ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اقتصادي ڪائونسل جو ميمبر مقرر هوندو، جڏهن ته چئن ئي صوبن جا چيف منسٽر اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر هوندا، نوٽيفڪيشن موجب، وفاقي وزير خواجا آصف، محمد اورنگزيب، احسن اقبال به ڪائونسل جا ميمبر هوندا، اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ناڻي کاتي وارو سيڪريٽري توڙي سيڪريٽري اقتصادي امور به خصوصي دعوت تي شريڪ ٿي سگهن ٿا، وفاقي وزير احمد چيمه به خصوصي دعوت تي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهندو