ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي (پريم راٺوڙ+آزاد مهر) ميرپورماٿيلو صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي قاتل گرفتار نه ٿيا شھيد جي امڙ پاران اعلانيل ڌرڻو ٻن ڏينهن کان ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان جاري نيشنل ھاءِ وي بند ڪري ٻن ڏينهن کان بند سنڌ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ شھيد جي امڙ پٺاڻي،ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اسد پتافي، برڪت ميراڻي،ثاقب گڏاڻي، پريم راٺوڙ،الھورايو وسير، لطيف لغاري، تاج محمد ٽانوري،۽ ٻين جو چوڻ هو ته اڳئي اسان ٻڌندا هئاسين ته رياست ٻوڙي آهي گونگي آهي پر ھاڻي اسان اکين سان ڏسون پيا رياست انڌي به آهي ٻوڙي به آهي گونگي به آهي ،هنن چيو ته اسان شھيد جا قاتل گرفتار ٿيڻ ۽ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن نه نڪرڻ تائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين،ڌرڻو رات دير آيل مٽي جي طوفان ۾ به جاري رھيو رات جو برسات ۾ شھيد جي امڙ، قلم ڌڻي، قوم پرست ۽ شھيد جا چاھيندڙن مٽي جي طوفان ۽ برسات ۾ کليل آسمان هيٺ نيشنل ھاءِ وي تي ويٺا رهيا، ڌرڻي ۾ شديد گرمي جي ڪري قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي طبيعت خراب ٿي وئي جڏهن ته ڳالهين لاءِ سي آئي اي جي ڊي ايس پي منير ڦلپوٽو پھتو ۽ چيو ته اسان ڪيس 75 پرسنٽ حل ڪري ورتو آهي ھتي ڌرڻي ۾ نٿا ٻڌائي سگهون جنهن تي شھيد امڙ رڳو آسرا سمجهندي ۽ پوليس تي بي اعتمادي ڪندي جواب ڏنو ۽ مطالبو ڪندي چيو ته جيتري تائين قاتل گرفتار نٿا ڪيا وڃن ۽ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو حڪم نٿو ڏنو وڃي تيستائين ڌرڻو جاري رهندو،هوڏانهن شھيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ ڌرڻي ۾ موجود عوام کي ھٿ ٻڌي چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه پاران ميڙ منٿ قافلو وٺي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي شهيد نصرالله گڏاڻي جي گهر پهتو ۽ ٽن ڏينهن جي مهلت گهري آهي،مان ھن کي پنجن ڏينهن جي مهلت ڏني ۽ چيو ته پنجن ڏينهن مهلت ڏيان ئي ٿي قاتل وائکا ڪر ۽ گرفتار ڪر ٻي صورت ۾ ٻيهر ساڳي جڳھ تي ڌرڻو هنيو ويندو.