وڳڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي نوجوان قتل، وارثن جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو

وڳڻ  ( ن ع آ ) گذريل رات ڳوٺ بڪيجا واسي سڪندر ڀنگر پنهنجي ڪار تي لعلورائنڪ کان ڳوٺ وڃي رهيو هيو ته نامعلوم  هٿياربندن روڪي ورتو،کيس مزاحمت تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، مقتول  سڪندر ڀنگر جي وارثن پاران وڳڻ انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي پٽ ممتاز ڀنگر ، شمن علي ڀنگر ، موسيٰ  خان ڀنگر ، ڌڻي بخش ڀنگر ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ناحق قتل ڪيو ويو آهي، پوليس تماشائي بڻيل آهي، وارھه پوليس هن وقت تائين ڪو به قدم ناهي کنيو،  بدامني وڌي وئي آهي ڪير به محفوظ ناهي،  قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو،  6 ڪلاڪ  گذرڻ بعد ايس ايس پي قمبر جو پي ايس او ، ڊي ايس پي نصيرآباد ، ايس ايڇ او وڳڻ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي  جنهن بعد  روڊ کوليو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.