دهشتگردي جو خطرو آهي، جلسي جي اجازت نه ڏينداسين: ڪراچي انتظاميا

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل)ڪراچي جي انتظاميا تحريڪ انصاف کي شهر ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو سبب عدالت کي ٻڌايو. ڪراچي جي اوڀر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر شهزاد فضل عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو. ڊي سي اوڀر جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ مزار قائد، نشتر پارڪ يا شارع قائدين جي سامهون جلسي جي اجازت گهري هئي پر سڪيورٽي ادارن دهشتگردي جي خدشي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ڊي سي شرقي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ قومي سطح جا اڳواڻ شرڪت ڪندا، امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين جلسي جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.ڊي سي اوڀر شهزاد فضل عباسي پنهنجي رپورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ته هو ايس ايس پي جي رپورٽ کانپوءِ ئي اجازت ڏيڻ جو مجاز آهي. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست ٽائم ختم ٿيڻ جي ڪري ملتوي ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.