پي ٽي آءِ جو وڏو وزير گورنر کي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو وڏو وزير گورنر کي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري، وڏو وزير رهي  غنڊو نه  بڻجي، گنڊاپور کي ڪي پي ڪي جو نه پر پي ٽي آءِ جو وڏو وزير سمجهون ٿا.پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لڳي ٿو ته گنڊاپور کي غنڊو بڻجڻو ھو پر هو غلطيءَ سان وڏو وزير بڻجي ويو، گورنر کي ڌمڪيون ڏيڻ رڳو هڪ فرد جي توهين ناهي پر اسان جي آئيني نظام تي به  حملو آهي.هن چيو ته فيصل ڪريم ڪنڊي اهم آئيني عهدو رکي ٿو، کيس ڌمڪيون ڏيڻ ناقابل قبول ۽ دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو، اعليٰ عوامي عهدي تي ويٺل شخص طرفان ڌمڪيون ڏيڻ هڪ سنگين معاملو آهي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير خلاف فوري ۽ فيصلائتو قدم کنيو وڃي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي سدائين تحمل جو مظاهرو ڪندي اعليٰ اخلاق کي برقرار رکيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.