ملڪ ۾ قانون کان مٿانهان قتل ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي: بلوچ ايڪتا ڪميٽي

تربت (م ڊ) ڪيچ ضلعي جي تعلقي بليده مان جبري کنڀي گم ڪيل 12 ڄڻن جي گهرڀاتين ۽ بلوچ ايڪتا ڪميٽي پاران ڪالهه تربت ۾ شهيد فدا چوڪ کان  ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ ڪيچ ضلعي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي متاثر خاندانن کان علاوه بي ايس او پجار جي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن پڻ شرڪت ڪئي، جن وٽ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي گم ٿيل ماڻهن جي تصويرن سميت احتجاجي نعرا لکيل هئا. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن مختلف روڊن تي گشت ڪري ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي گم ٿيلن جي وارثن چيو ته ڪنهن شخص کي جبري کنڀي گم ڪرڻ ۽ عدالتن کان مٿانهن قتل ڪرڻ ملڪ جي قانون ۽ شهرين جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي اسان وانگر ڪيترائي بلوچ خاندان بلوچستان جي روڊن رستن تي ورهين کان سراپا احتجاج آهن پر ڪنهن جي به ڪنن تي جونءَ نه ٿي سري، انتظاميه ۽ عدليه کان وٺي پارليامينٽ تائين سڀ گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويا آهن. رياست ۾ قانون جي حڪمراني ختم ٿي وئي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ قانون نالي ڪا به شيءِ ناهي، جنهن اداري جي جيڪا دل ڪري قانون کي مٿانهون پنهنجي ڪندا رهندا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جا پيارا جن کي جبري گم ڪيو ويو آهي اهي جيڪڏهن ڏوهاري آهن ته انهن کي پنهنجي ئي عدالتن ۾ پيش ڪري سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.