گنڊاپور پاران هڪ ڀيرو وري غير پارلياماني لفظن جو استعمال

پشاور(م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ ڀيرو ٻيهر سخت زبان استعمال ڪندي گورنر ۽ مخالفن تي تنقيد ڪئي آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر جي ڪهڙي حيثيت آهي، ڪنهن ڪم جي ڳالهه ڪريو، نوڪر جي ڪا حيثيت ناهي. کيس ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته اوهان سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جنهن جي جواب ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته ”ان کي ٻڌاءِ ته تون چور آهين ۽ تنهنجو ليڊر به چور آهي. جيڪو 9 مئي تي چوي ٿو ته ”گورنر صاحب ماڻهو آهي، گورنر هائوس ۾ رهو، ٻي صورت ۾ گاڏيون روڪيندس، پيٽرول به بند ڪندس. هو پنهنجي چيئرمين کان پڇي ته آڪسفورڊ ۾ هن داخلا ڪيئن ورتي هئي. وفاق اسان جو حق ڏئي، ڪٽوتيون ٿيون ته دمادم مست قلندر ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.