ايف آءِ اي پاران ڪلفٽن ۾ فيڪٽري تي ڇاپو، بوسٽن انجيڪشن وڏي مقدار ۾ هٿ

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل جي عملدارن ڪلفٽن جي چانڊيو وليج ۾ جانورن  جي کير جي پيداوار وڌائڻ لاءِ پابندي مڙهيل انجيڪشن ”بوسٽن“ ٺاهڻ جي غيرقانوني فيڪٽري تي ڇاپو هڻي مشينري ۽ سامان هٿ ڪري فيڪٽري مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو. اختيارين موجب ان ڪارروائي ۾ ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪراچي ۽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) جي ٽيم به موجود هئي. ڇاپي جي نتيجي ۾ وڏي مقدار ۾ پابندي مڙهيل غير رجسٽرڊ ۽ جعلي بوسٽن انجيڪشن هٿ ڪيا ويا. هٿ آيل انجيڪشن جي ڪل ماليت اٽڪل 60 لک رپيا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.