کيبر ڀرسان هٿياربندن جي درگاهه تي ڪاهه، گادي نشين ۽ مريدن کان ڦر، مزاحمت تي هڪ ڄڻو قتل

کيبر ( رپورٽ:  شيراز علي جت )کيبر ويجهو ڳوٺ ڄام سمون واقعي درگاھه ننڍي جھوڪ تي ھٿيار بندن جي ڪاھه ڪري درگاهه تي موجود درگاهھ جي گادي نشين پپو سائين ۽ مريدن کان روڪ رقم موبائيل فون  ڦر ڪيا، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن پپو سائين جي ڊرائيور راجا بھراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، ٽن هفتن اندر قتل جو ٻيو واقعو پيش آيو آھي، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.  جڏهن ته جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.