سنڌ م ڌاڙيلن جو عذاب ھن وقت تمام گھڻو وڌي ويو آھي. اڳي گھڻو ڪري پئسي ۽ ھوند وارا ماڻھو اغوا ٿيندا ھئا جيڪي مري جھري ڀنگ ڀري پنھنجي جان ڇڏائيندا ھئا پر ھاڻ ته غريب مزدوري ڪندڙ ۽ نوڪري پيشه ماڻھو جن جو گذارو رڳو پگھار تي آھي اُھي به اغوا ٿيو وڃن. ڌاڙيل معصوم ٻارن ۽ وڏن جون زنجيرون لڳل ۽ انھن تي تشدد ڪرڻ واريون وڊيو وائرل ڪري عزيزن کي پريشان ڪري ڀنگ جي لاءِ مجبور ڪن ٿا اھي وڊيو سندن مائٽ ته ڇا پر ٻيو ماڻھو به ڏسي نٿو سگھي.
اڳاٽي دور ۾ ڌاڙيلن جا ڪجهھ اصول ھوندا ھئا ته عورتن تي رحم ڪندا هئا ۽ مٿن ھٿ نه کڻندا ھئا، انھن ۽ عزت ڪندا هئا. ٻڌبو ھو ته فلاڻي ڌاڙيلن کي ڌاڙي دوران صورتحال ڏسي رحم اچي ويو ۽ ھو عورتن کي پوتيون پارائي ھليا ويا. اھڙا ڪردار به ٻڌاسين ته اھي وڏن ماڻھن جي ملڪيت ڦري غريبن ۽ ضرورت مندن ۾ ورھائندا ھئا. ڌاڙيلن لاءِ عام تاثر رھيو آھي ته ھو اھو ڪم خوشي سان نٿو ڪري پر ھن اڻ برابري ڏاڍ واري سماج م ٿيندڙ ناانصافين ۽ حالتون انھن کي اھو ڪرڻ مجبور ڪن ٿيون.
سنڌ م ڌاڙيلن جي آزار ان وقت زور پڪڙيو جڏهن آمر ضياالحق جي خلاف جمھوريت لاءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ ھلي هئي جنھن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڳوٺن تي بمباري ڪري ماڻھن کي شھيد ڪيو ويو. فوجي اٽالن جي تشدد ماڻھن کي بي گھر ۽ بي روزگار ڪري لڏي دربدر ٿيڻ تي مجبور ڪيو. ان کانپوءِ ھڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌي ماڻھن کي شعوري طرح اپاھج ڪرڻ لاءِ ڌاڙيل ٽولا ٺاھي انھن کي خطرناڪ ھٿيارن تائين رسائي ڏني وئي جيڪي پوليس فورس جي به دسترس ۾ نه آھن، ايئن سنڌ جو امن تباھ ڪيو ويو. نواز شريف جي پھرئين دور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو جنھن سان گڏ وڏين ڌرين جي پشت پناهي سان ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻھن کي جمھوريت لاءِ جھر جھنگ متحد ٿي جدوجھد ڪرڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو ھو سو ڪنھن به حڪومتي انتظام سان ڪنٽرول ۾ اچي ختم نه ٿي سگھيو آھي.
ھن وقت ڪراچيءَ کان علاوه خاص ڪري اتر سنڌ ۾ جيڪي ڪرمنل ڏوھاري آھن انھن جو انگ اڳي جي ڀيٽ ۾ گھڻو وڌيل آھي. جيتوڻيڪ اسان ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي پيدا ٿيڻ جو سماج م ٿيندڙ ظلم لٽ مار ۽ ناانصافي ھجڻ کي بنيادي طرح ذميوار سمجھون ٿا پر ھن وقت ان ۾ جيڪا سنگدلي ۽ درندگي جي غير انساني صورتحال آهي ۽ جنھن طرح ڌاڙن ۽ ٻين ڏوھاري ڪاررواين ۾ عام ماڻھن توڙي معصومن جي بي رحميءَ سان قتل ۽ ڦر لٽ ۾ تيزي آئي آھي ان سان ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي.
اھا صورتحال جتي حڪومت جي بيوسي يا بي حسي ظاھر ڪري ٿي اتي ھن مسئلي جي جڙ ۾ ماضيءَ جي غير جمھوري قوتن جي ڪردار کي ڏسندي اھو گمان به بي سبب ناھي ته ان ۾ اڃا به ڪي اھڙيون طاقتور ڌريون ملوث آهن جن تي ڪنھن جو به وس نٿو ھلي. ڇاڪاڻ ته اھو سڄو ڌنڌو ڪنھن سرپرستي ۽ پشت پناھي کانسواءِ ممڪن ڪونھي جيڪي ڌريون چاھين ئي نٿيون ته ماڻھو سک ۽ امن سان زندگي گذارين يا پنھنجي حقن لاءِ مزاحمت ڪري سگھن. ڪچي جي علائقي کي ڌاڙيلن جي سلطنت بڻائڻ جي پٺيان سنڌ جي ساڃاھ وند ڌرين ۾ ان ڳالهھ تي اتفاق آھي ته ان وسيلي سنڌ جي ڪچي جي زرخيز معيشت کي تباھ ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ لڏائي اھي زمينون ڪن خاص ڌرين جي مخصوص مقصدن لاءِ خالي ڪرائڻ جي منصوبي جو حصو آھن. ڏٺو وڃي ته ڌاڙيلن ۽ ٻين ڏوھاريرن جي ڪاررواين جو مکيه مرڪز سنڌ پنجاب بلوچستان جا ھڪ ٻئي سان ملندڙ سرحدي علائقا آھن جتي وقفي وقفي سان پوليس ۽ ڪٿي رينجرز جي مدد سان آپريشن جون خبرون ميڊيا تي اچن ٿيون ڌاڙيلن جي ڪچن ۽ ڪکاون ٺڪاڻن (جيڪي ڪڏھن به ڪٿي به آساني سان اڏجي سگھن ٿا) کي باهيون ڏئي ساڙڻ جون وڊيوز ھلن ٿيون ڪن مقابلن ۾ڪٿي ڪي آفيسر ۽ سپاهي شھيد به ٿين ٿا پر ڌاڙيلي سلطنت پنھنجي ساڳي آب تاب ۽ جاھ جلال سان قائم آھي.
ڌاڙيلي سلطنت جو حڪومت کان ڏاڍي ھجڻ پنھنجي جاءِ تي پر شايد ھاڻي اھا رياست کان به ڏاڍي آھي جو رياست ۽ ان جا سيڪيورٽي ادارا جتي ملڪ جي سرحدن کي ٻين ملڪن جي دراندازي کان محفوظ رکي سگھن ٿا دھشت گردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ چاڪ چوبند آھن اتي ٽن صوبن جي ٽڪنڊي ۾ بدنام ۽ رھزن ڌاڙيل راڄ کان عوام کي نجات ڇو نه ٿي ملي سگھي! حڪومت ۽ رياست کان عوام جو اھو ئي وڏو سوال آھي.
ڪچي جي علائقي کي ڌاڙيلن جي سلطنت بڻائڻ جي پٺيان سنڌ جي ساڃاھ وند ڌرين ۾ ان ڳالهھ تي اتفاق آھي ته ان وسيلي سنڌ جي ڪچي جي زرخيز معيشت کي تباھ ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ لڏائي اھي زمينون ڪن خاص ڌرين جي مخصوص مقصدن لاءِ خالي ڪرائڻ جي منصوبي جو حصو آھن. ڏٺو وڃي ته ڌاڙيلن ۽ ٻين ڏوھاريرن جي ڪاررواين جو مکيه مرڪز سنڌ پنجاب بلوچستان جا ھڪ ٻئي سان ملندڙ سرحدي علائقا آھن جتي وقفي وقفي سان پوليس ۽ ڪٿي رينجرز جي مدد سان آپريشن جون خبرون ميڊيا تي اچن ٿيون.