ڪراچي( رپورٽر)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سربراھ ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ راجا ھاؤس تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾سيد صدرالدين شاھ راشدي ،سيد مظفر حسين شاھ، ڊاڪٽر صفدر عباسي، لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم، غلام مرتضي جتوئي، سردار عبدالرحيم، سيد زين شاھ، حسنين مرزا، عرفان الله مروت، ساحرہ بانو، سيد جلال شاھ، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، نند ڪمار گوڪلاڻي، عبدالرزاق راھمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس جي حوالي سان جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو تھ جي ڊي اي جي اجلاس ۾ ملڪ خاص طور سنڌ ۾ بحراني ڪيفيت لاقانونيت امن امان جي خراب صورتحال، صحافين جي قاتلن کي گرفتار نھ ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪامي، مھانگائي، بيروزگاري نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون نھ ڏيڻ ۽ مخالفن خلاف انتقامي ڪارواين خلاف سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط اماڻڻ کي آخري شڪل ڏني وئي. سردار عبدالرحيم چيو تھ اجلاس م ملڪي خاص طور تي سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
-
اسٽيل ٽائون مان گم ٿيل شهري جي بازيابي بابت اهم اڳڀرائي، گرفتاري ظاهر
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. اسٽيل ٽائون مان گم ٿيل شهري دريا خان جي بازيابي بابت اهم اڳڀرائي ٿي. پوليس رپورٽ موجب حيدرآباد پوليس دريا خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. مومن آباد مان گم ٿيل شهري سجاد حسين جي گهرواري عدالت ۾ پيش ٿي.گم ٿيل سجاد جي گهرواري چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان پوليس ٿاڻن ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، عدالت بچاءَ واري وزارت کي حڪم جاري ڪيو ته سمورين ايجنسين ۽ حراستي مرڪزن کان ٻيهر رپورٽون حاصل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيون وڃن.
-
ڪراچي ۾ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ تي وي لاگر گوليون هڻي قتل
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ سخي حسن سرينا موبائل مارڪيٽ ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ وي لاگر سعد احمد مارجي ويو. وي لاگر جي بار بار وڊيو رڪارڊنگ تي سيڪيورٽي گارڊ ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ فائرنگ ڪري وي لاگر کي قتل ڪري ڇڏيو.گارڊ واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ولاگر بار بار اها وڊيو رڪارڊ ڪري رهيو هو جنهن تي مون فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ سعد احمد سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي بعد پوليس سڪيورٽي گارڊ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.