لاش کي عزت ڏيو

تحرير:وسعت الله خان

خاص طور تي 2018ع کان وٺي اڄ تائين جيڪي بھ بجيٽيون پيش ڪيون ويون،انھن جو ڍانچو آءِ ايم ايف ٺاھيو،اسان رڳو ان ڍانچي تي راڳو ڪري رنگ ڏنو.ھاڻي جيڪا بجيٽ اچي رھي آھي اھا بھ ان سيريز جي ايندڙ ڪڙي آهي.
سادن لفظن ۾، قيدي کي زنجير جي ڊيگهه تائين هلڻ چرڻ جي آزادي مليل آهي. هي انهن ايرن غيرن نٿو خيرن جي قيمت آهي، جيڪي اوڌر کي آمدني سمجھي ڪري هضم ڪرڻ سان جنم وٺي ٿي.ايري غيري نٿو خيري اشرافيا جا (فوج، بيوروڪريسي، واپاري، صنعتڪار، بارسوخ زميندار، ٺيڪيدار، ٻچونگڙا، ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ سبسڊي جي رت تي پلندڙ نيم ڪنگال سرڪاري سيڪٽر جا ادارا وغيره) ۽ قيمت چڪائي ٿي ٽيڪس ادا ڪندڙ اقليت، ڪمرش لوياج تي کنيل قرض،برادر ملڪ جا مھربند ڊپازٽس۽ واجب الادا قسطن جي رول اوور جي ذريعي.ٻھ سئو ٻاھتر ارب ڊالر جو اندروني ۽ ٻاھرين قرض جي قسط ۽ وياج  جي ادائيگي  ڊالر ھيٺ مٿي ٿيڻ سبب ھڪ سال ۾ 64 سيڪڙو وڌي چڪي آھي.
ٻھ ھزار يارھن  ۾ پاڪستان جي هر شهري تي اھو قرض 823 ڊالر في فرد جي حساب سان ورڇ ۾ پئي آيو. اڄ ٻارهن سالن کانپوءِ هن ملڪ جي شهري جي ڳچيءَ تي قرض جو بار 36 سيڪڙو (1122 ڊالر) وڌي ويو آهي. جڏهن ته انھيءَ  عرصي ۾ في فرد قومي پيداوار ۾ ڇهه سيڪڙو گهٽتائي ٿي آھي.
گذريل مهيني ’دبئي ان لاڪ‘ نالي هڪ تحقيقي رپورٽ ڇا سامهون آئي جو سمورن لوڪل چينل هڪ ئي ٽنگ تي نچڻ لڳا.حالانڪھ اسان کي تھ خوش ٿيڻ گهرجي ته ڪا تھ رپورٽ اھڙي سامهون آئي، جنهن ۾ پاڪستان چوٽي جي ٽن ملڪن ۾ شامل آهي. يعني دبئي ۾ جن غير ملڪي شھرين جون ملڪيتون سڀ کان وڌيڪ آھن،انھن جي فھرست ۾ ھندوستان،پاڪستان ۽ برطانيا شامل آهن. ان کان پوءِ ڪٿي وڃي روس جا شهري اچن ٿا.
ان انڪشاف تي نچڻ ٽپڻ جي ڳالھه ناھي،تھ سموريون جائيدادون قانوني آھن.سڀني جا ڪاغذ پٽ پورا آھن.بلڪه مان تھ دعاگو آهيان ته زرداري خاندان، شريف خاندان، اومني گروپ ۽ ايس ايس پي رائو انوار ۽ درجن کن رٽائرڊ جنرلن سميت جن 17 ھزار پاڪستاني شھرين کي اھي ملڪيتون خريد ڪرڻ نصيب ٿيون. الله تعاليٰ سندن رت ست جي ڪمائي ۾ اڃان بھ برڪت وجھي ڏئي (آمين)
مون جهڙن ڪنگلن جي تھ بس ايتري  ئي خواهش آهي ته ڪجهه اھڙو  ٿي پئي ته پاڪستان جي خوار شهرين کي پنهنجو سر لڪائڻ لاءِ ٽي مرحلھ في ڪٽنب پلاٽ رعائتي قيمت تي فائلن بدران زمين تي ملي وڃي.ھڪ اسپتالي بسترو ٻن ٻن بدران صرف هڪ مريض لاءِ ميسر ھجي تھ واھ واھ. ۽ بسترا ايترا هجن جو مريض وارڊن جي فرشن يا آڳر ۾ ليٽيل نھ ھجن.حياتيءَ بچائڻ وارين دوائن جي قيمت ڀلي آسمان کي ڇُھندي ھجي پر گهٽ ۾ گهٽ دستياب هجي ۽ جعلي نه ھجي تھ مزو اچي وڃي.
جيڪي ٻھ ڪروڙ سٺ لک ٻار اسڪول  جو منهن نٿا ڏسي سگهن اها تھ سندن قسمت.بھرحال جن جي داخلا  ٿي چڪي آھي، انهن جي اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي، بيت الخلا ،چوديواري ۽ فرنيچر ڀلي نه پڻ هجي  تھ بھ ڪم ھلندو.بھرحال هڪ اھڙو استاد ضرور مقرر ھجي،جنھن کي پنهنجو مضمون پڙهائڻ ايندو ھجي۽ اھو پنھنجي جاءِ تي ڪنهن  ملازم يا دوست کي حاضري لڳائڻ لاءِ نه موڪليندو ھجي،
رستا ڀلي نھ ٺھرايو پر جيڪي ٿورا گھڻا بھ ٺھرايو سي ڪاغذن بدران زمين تي ڏسڻ ۾ اچن، ۽ گھٽ ۾ گھٽ ايترا مضبوط ضرور ھجن جو مون سون جي ھڪ ئي وسڪاري ۾ڍنڍ نھ بڻجي وڃن تھ جيئن هڪ ئي روڊ کي سال ۾ ٽي ٽي ڀيرا ٺاهڻ جو ڍونگ نھ ڏسڻو پوي.
عام شهري کي ڪنهن بھ ڪيل اڻ ڪيل ڏوهه ۾ ڀلي پڪڙي وٺو،ڪو مسئلو ناهي.پر ان کي تشدد يا پوليس مقابلي ۾ مارڻ وقت رڳو ايترو نه چئو، ته اھو قيدي جاچ دوران دل جي دوري پوڻ يا پوليس جي پڪڙ مان فرار ٿيندي ماريو ويو.
اهڙي طرح جيڪڏهن جبري اغوا جي ورھين بعد ڪو ”مبينا  دهشتگرد يا ملڪ دشمن“ لاش جو روپ اختيار ڪري وٺي ته پوءِمڙھ ڪنھن سڃ رڻ ۾ نھ ڦٽو ڪريو،بلڪھ چپ چاپ گھر وارن جي حوالي ڪريو، ته جيئن هو  ھن فاني دنيا ۾ دفنائڻ  جي عياشي تھ حاصل ڪري وٺن.  يعني لاش کي عزت ڏيو.
هي ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي.ڇو ھلائي رھيو آھي ؟ ان جي بنيادي اقتصادي،سماجي ۽ سياسي مسئلن جو ذميوار ڪير آهي؟ حل ڪھڙو آهي ۽ ڪنهن وٽ آهي؟ اهي سڀ بيڪار جا سوال آهن.بس  رڳو ايتري ڳالھھ آھي تھ آئين، قانون، جمهوريت، عدليه جي آزادي، بنيادي حقن ۽ قومي اتحاد جهڙن سکڻن اصطلاحن جو مقدار، پنھنجي بيانن ۾ٿورو گهٽ رکو ته جيئن زخمن تي لوڻ  جو مقداربھ ڪجھھ گهٽجي وڃي۽ اھي ناسور نھ بڻجي وڃن.
قانوني ۽ نيم قانوني جوازن ۽ من مرضي جي منطق جي آڙ ۾ قومي اثاثن جي ڦرلٽ، بندر واري ورھاست ۽ ڪليئرنس سيل سان عام ماڻھو جو ڪو به واسطو ناهي. ان جي وضاحت ۽ صفائي بھ ڪو ڪونھ ٿو گھري نھ ئي گھري سگھي ٿو. بس آخر ۾ ايترو رھڻ ڏجو جيترو ڏھي ڄمائڻ جي لاءِ”ڄمڻ يا گجي“ ڇڏي ڏبي آھي.رھي دال ماني، بجلي  گيس جي مھانگائي تھ ان  جو ذميوار آءِ ايم ايف آهي. تنهن ڪري توھان ان مان  به آجاآهيو.جيئندا رھو صاحب بهادر،جڳ جڳ جيئي منھنجو آقا.شل ڀاڳ ڀلا ٿين موتيان واليو..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.