اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪورٽ مارشل ٿيل 5 نيوي آفيسرن جي موت جي سزا تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام هاءِ ڪورٽ ڪورٽ مارشل ٿيل 5 نيوي آفيسرن جي موت جي سزا تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار نيوي آفيسرن جي درخواست تي لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
هاءِ ڪورٽ چيو ته درخواستگذارن موجب کين جنرل ڪورٽ مارشل ۾ وڪيل جي مدد نه ڏني وئي ۽ وڪيل موجب جوابدارن کي شاهديون ۽ ڪورٽ آف انڪوائري جي دستاويز به نه ڏنا ويا.
عدالت چيو آهي ته وڪيل موجب عدالتي حڪم تي وڪيلن کي دستاويزن تائين محدود پهچ ڏني وئي، اسسٽنٽ اٽارني جنرل ٻڌايو ته دستاويزن تائين پهچ جو اختيار نيول چيف وٽ آهي ۽ نيول چيف سمجهي ٿو دستاويزن تائين پهچ سان رياستي مفادن کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
عدالت موجب سوال اهو آهي ته رياست جي مفاد کي شهري جي زندگي جي حق سان ڪيئن بيلنس ڪرڻو آهي، آئين جو آرٽيڪل 6 ۽ 10 اي شهري کي زندگي جيئڻ ۽ فيئر ٽرائل جو حق ڏين ٿا، تنهن ڪري زندگي جي حق ۽ فيئر ٽرائل کي نظر ۾ رکندي درخواست ٻڌڻي هيٺ هجڻ تائين ڦاهي نه ڏني وڃي.
عدالت حڪم ڏنو ته ڌريون چيف آف نيول اسٽاف جو موقف سببن سان گڏ عدالت ۾ جمع ڪرائين.

ihc islamabad paknavy

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.