ڪنڌڪوٽ ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) جسقم بشير خان، جسم رياض چانڊيو پاران شهيد نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

گهنٽا گهر چوڪ تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي والي ڏنو سنڌي ۽ حفيظ مگسي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جو قتل اڀرندڙ شعور جو قتل آهي، صحافين کي چونڊي نشانو بڻايو پيو وڃي.

هنن چيو ته جان محمد مهر، شان ڏهر، امير بخش بروهي، شاهد سومرو سرداري نظام جو شڪار ٿيا.

هنن گهر ڪئي ته صحافين کي سيڪيورٽي ڏني وڃي ۽ شهيدن جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.