اسلام آباد (م ڊ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ امپورٽڊ استعمال ٿيل گاڏيون وڌيڪ مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي. ذريعن موجب استعمال ٿيل گاڏين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ واڌ جي تجويز آهي، وڏين گاڏين تي ڊيوٽي جي شرح 70 مان وڌائي 100 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 1800 سي سي کان وڏين گاڏين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ 30 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته 1800 سي سي تائين جي استعمال ٿيل گاڏين تي 15 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز آهي، 1800 سي سي تائين نين ۽ پراڻين هائبرڊ گاڏين تي زيرو ڊيوٽي برقرار رهندي.