ڪاغذ جي ٽڪري مان ڪيئن يقين ڪجي ته پي ٽي آءِ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي وئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ): سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته هڪ ڪاغذ جي ٽڪري مان ڪيئن مڃجي  ته پي ٽي آءِ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي وئي آهي. سومر تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل صديقي کي ججن جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان روڪيندي رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن توهان پنهنجا دليل نه ڏيندا ته مان ڇا سمجھندس ته توهان طرفان ڇا لکڻو آهي؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان اوهان کي ٻڌڻ لاءِ ويٺا آهيون، اسان پنهنجو فيصلو ڪنداسين. ان تي بئنچ ۾ شامل جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته هي غير ذميواراڻو بيان آهي، فل ڪورٽ ۾ هر جج کي سوال پڇڻ جو اختيار ۽ حق آهي ۽ اهڙي قسم جو غير ذميواراڻو بيان تسليم نه ٿو ڪري سگهجي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته بيٽ جي نشان واري فيصلي تي ماڻهن کي مس گائيڊ ڪيو ويو. آزاد اميدوار پي ٽي آءِ ۾ به شامل ٿي پئي سگهيا، ڪا پابندي نه هئي. چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل کان پي ٽي آءِ جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو رڪارڊ گهريو ته هن چيو ته اهو ٿوري دير ۾ جمع ڪرايو ويندو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته رڪارڊ ڏيکاريو ته ڪهڙي ڏينهن پي ٽي آءِ درخواست ڏني ۽ سني اتحاد ڪائونسل منظور ڪئي. ان تي سني اتحاد جي وڪيل چيو ته سمورو رڪارڊ ڏيون ٿا. ان تي چيف جسٽس چيو ته رڳو هڪ ڪاغذ جي ٽڪري سان ڪيئن مڃون ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ پي ٽي آءِ جي شموليت ٿي وئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته سياسي پارٽي جا حق عوامي حق هوندا آهن، جسٽس مسرت هلالي چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ اميدوارن کي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جي اجازت ڏئي چڪي آهي. جسٽس جمال مندوخيل سوال اٿاريو ته پي ٽي آءِ جا اميدوار سني اتحاد ڪائونسل م ڪيئن ٿا وڃي سگهن، عوام ته پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنا هئا، سني اتحاد ڪائونسل کي نه ڏنا هئا. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سني اتحاد ڪائونسل م شموليت تي اعتراض نه ڪيو ته مخصوص سيٽن تي ڪيئن ٿي سگهي ٿو يا ته اليڪشن ڪميشن پهريان چئي ڇڏي ها ته توهان کي مخصوص سيٽون نه ملنديون. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جڏهن سني اتحاد ڪائونسل ۾ ضم ٿي وئي ته پوءِ چيو ويو ته مخصوص سيٽون نه ملنديون. جسٽس منيب اختر چيو ته اسان حقيقت ڇو نه ٿا ڏسون، سني اتحاد ڪائونسل اسانجي سامهون ان لاءِ آهي ته ان ۾ پي ٽي آءِ جا کٽيل ماڻهو شامل آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ پڇاڻو ڪيو ته بينيفشري پارٽين مان ڪا عدالت ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي حمايت ڪري ٿي، جنهن تي سڀني پارٽين ان جي مخالفت ڪئي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان جو مطلب آهي ته توهان سڀ واڌو مليل سيٽون رکڻ چاهيو ٿا. سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.