اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نواز شريف ڪڏهن به ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، خان ناهي ته پاڪستان ناهي چوندڙ ڪنهن ٻئي ملڪ هليا وڃن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم اڄ وفد سان گڏ چين روانو ٿيندو، جتي هو چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو، وزيراعظم واپاري شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف چيني ڪمپنين جي آفيسرن سان به ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته چين جو دورو پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ اهم ثابت ٿيندو، چين جو دورو سي پيڪ منصوبي جي نئين مرحلي جي شروعات ڪندو، جڏهن ته پاڪستان جو واپاري وفد چين ۾ بزنس ٽو بزنس معاهدن کي حتمي شڪل ڏيندو ۽ مختلف ياداشت نامن تي صحيحون به ڪيون وينديون. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته بجيٽ بابت مشاورت جاري آهي، شهباز شريف حڪومت ۾ اچي خرچ گهٽ ڪيو، جڏهن ته مئي ۾ ٽارگيٽ کان 15 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي 29 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، اميدن جي برعڪس مهانگائي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جنهن تي خوشي ملهائڻ گهرجي . هن چيو ته ميان نواز شريف ڪڏهن به ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي، جيڪي چون ٿا خان ناهي ته پاڪستان ناهي اهي ٻئي ملڪ هليا وڃن.