ڪنڊيارو (رپورٽ: محمد سومر گهانگهرو)ڪنڊيارو جي ڪچي ڀاڳوديرو جي ڳوٺ نبي بخش ڪلهوڙو ۾ چانڊيا ۽ ڪلهوڙا تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص منور ڪلهوڙو ۽ عورت پروين ڪلهوڙو مارجي وئي جڏهن ته هڪ عورت مختاران ۽ نينگري بشرا سخت زخمي ٿي پيون۔مارجي ويل مرد ۽ عورت جا لاش ۽ زخمين کي ڪنڊيارو اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا۔منور ڪلهوڙو جو لاش ان جي اباڻي ڳوٺ شھداد ڪوٽ نيو ويو۔ لاش گهر پهچڻ تي مقتولن جي گهرن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو۔علائقي جي ڀاڳوديرو پوليس موجب ابتدائي اطلاعن ۽ رپورٽ موجب اهو فائرنگ واقعو چانڊيا ۽ ڪلهوڙا برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار سبب پيش آيو آھي،پوليس پاران ڳوٺ نبي بخش ڪلهوڙو ۾ پوليس پڪٽ لڳائي وئي آھي.