عدت ۾ نڪاح ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست منظور

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف عدالت ۾ نڪاح ڪيس  ٻئي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ جي جج شاهه رخ ارجمند جي درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاهه رخ ارجمند کان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا جي عدالت ڏانهن ٽرانسفر ڪري ڇڏيو.ياد رهي ته بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جج شاهه رخ ارجمند تي اعتراض ڪيو هو جنهن کان پوءِ جج ڪيس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ جي لاءِ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو هو.

  1. سائفر معاملي تي سياست ڪري سلامتي داءُ تي لڳائي وئي: بئريسٽر عقيل

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن اڳواڻ بئريسٽر عقيل جو چيو آهي ته سائيفرڪيس جي تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي.  ان کان پوءِ چيلنج ڪرڻ  يا نه ڪرڻ جو  فيصلو ڪيو ويندو. ن ليگ اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سائيفر جي معاملي تي سياست ڪئي وئي آهي، ملڪ جي سلامتي کي داءَ تي لڳايو ويو آهي، اڄ هڪ نئون پنڊورا باڪس کوليو ويو آهي. قومي سلامتي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ناهي . بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته سائفر اپيل جو تفصيلي فيصلو اچي ويندو ۽ اوهان کي ڏيکاريو ويندو ته سائفر حقيقت آهي ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. حڪومتي ترجمان چيو ته قومي سلامتي جا دستاويز چوري ڪيا ويا ۽ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويا، سائفر جي ڪاپي غائب آهي، پرنسپل سيڪريٽري ان حوالي سان بيان رڪارڊ ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.