يونائيٽيڊ نيشنز آفيس آن ڊرگز اينڊ ڪرائم طرفان ٻيون ڪنسلٽيٽو ورڪشاپ

ڪراچي (پ ر) يونائيٽيڊ نيشنز آفيس آن ڊرگز اينڊ ڪرائم طرفان ٻيون ڪنسلٽيٽو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو، سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف ويمن جي فوڪل پرسن امبر ڀاٽيا ۽ خواجه سرا ايڪٽيوسٽ، وڪيلن ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
ان ورڪشاپ ۾ اقبال ڏيٿو ڳالھائيندي چيو ته خواجه سرا جي 2018 ايڪٽ جي بنا شرط حمايت ڪيون ٿا، انساني حقن جي ڪميشن ۾ ٽرانس جينڊر اھميت رکن ٿا.
امبر ڀاٽيا خطاب ڪندي چيو ته عورتن جي حقن جي ڪميشن ايندڙ وقت ۾ ٽرانس جينڊر سان ملي ڪم ڪندي، ٽرانس جينڊر به انسان آھن ۽ پورا حق رکن ٿا، جيترا ڪوئي ٻيو انسان رکي ٿو.
ورڪشاپ ۾ ڪامي سڊ سميت ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.