اسلام آباد (منصور علي خان): سائفر ڪيس مان پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بري ٿيڻ کانپوءِ مخصوص سيٽن تي به خوشخبري اچڻ واري آهي. سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي نااهلي ختم ٿي وئي آهي. هاڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي لاءِ رستو گهڻو ڪليئر ٿي ويو آهي، ٻين ڪيسن ۾ کيس رليف مليو ته هو آزاد ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو ٻاهر آيو ته هو پي ٽي آءِ جي قيادت ڪندو، پي ٽي آءِ لاءِ عدت ڪيس، سائفر ۽ توشا خانا ڪيس اهم هئا، جن مان سائفر ۽ توشا خانا ۾ رليف مليو آهي، پر عدت ڪيس ۾ رليف ملڻو آهي.