عمران خان کي سائفر ڪيس ۾ بري ڪري رعايت ڏني وئي

اسلام آباد (عمر چيما): اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي سائفر ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ۾ حڪومت لاءِ اهو ڪيس ثابت ڪرڻ ڏکيو هو. عمران خان سائفر واپس نه ڪيو، ان جي به 2 سال سزا مقرر آهي، سائفر جلسي ۾ ڏيکارڻ ۽ ان جو متن پڙهڻ تي به کيس 4 سال سزا ملي ٿي سگهي پر هن کي  رعايت ڏني وئي. اهو سائفر صدر، آرمي چيف، چيف جسٽس ڏانهن به ويو هو، جن مان صدر سائفر ٽائيم تي واپس ڪيو هو پر ٻين نه ڪيو هو. حڪومت ته سائفر موڪلي بدنيتي ڪئي، پر ڇا عمران خان بدنيتي نه ڪئي؟ کيس ان ڪيس ۾ هر  صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 سال سزا ملڻي هئي پر اها نه ڏني وئي، جنهن جي خبر تفصيلي فيصلو پڙهڻ بعد خبر پوندي. سينيئر صحافي چيو ته فوجداري ڪيس ۾ اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته ان ۾ ڪنهن جي بدنيتي شامل آهي، پر سائفر ڪيس ۾ حڪومت سان گڏ عمران خان جي پڻ بدنيتي شامل هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.