عمران خان پنهنجي لاءِ پاڻ رنڊڪون پيدا ڪيون آهن: اعتزاز احسن

لاهور (بيورو+م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ جي باني عمران خان  کي تڪڙو جيل کان ٻاهر ايندي نه پيو ڏسان. هن پنهنجي لاءِ پاڻ رنڊڪون پيدا ڪيون آهن.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اعتزاز احسن چيو ته انسان کي نرم مزاج هجڻ گهرجي اهو نه چوڻ گهرجي ته ڳالهئڻو ناهي، ڳالهيون ناهن ڪڻيون، اهو سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ کي نقصان ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته هر ڳالهه هڪ سان ڪريو، مڃو ڪنهن جي به نه، عمران خان ڪافي سخت پاليسي ٺاهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جلدي جيل کان ٻاهر ايندي نه پيو ڏسان، هن پنهنجي لاءِ پاڻ رنڊڪون پيدا ڪيون آهن.اعتزاز احسن چيو ته جج پي ٽي آءِ جو نه آهي. اهي سمورا جج آزاد آهن يا حڪومت سان گڏ آهن. اعتزاز احسن چيو ته پي ٽي آءِ باني آصف زرداري سان ملاقات ڪري وٺي، منهنجو خيال آهي ته صدر زرداري پي ٽي آءِ باني لاءِ تمام گهڻا دروازا کولي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ باني جو معاملو اهو آهي ته اسان کي چورن سان ناهي ملڻو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.