او جي ڊي سي ايل پاران سنڌ ۽ ڪي پي جي فيلڊن مان تيل ۽ گئس جي پيداوار شروع

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ واقع فيلڊن مان  تيل ۽ گئس جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي.او جي ڊي سي ايل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن ڪوهاٽ ضلعي ۾ واقع چانڊا کوهه نمبر 7 مان پيداوار شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته سوئي ناردرن نيٽ ورڪ ۾ 305 بيرل خام تيل ۽ 25 لک ڪيوبڪ فوٽ روزانو گئس پيدا ٿي رهي آهي.جنهن کي گيس جي پيداوار کي سوئي ناردرن نيٽ ورڪ ۾ ضم ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب حيدرآباد ضلعي ۾ واقع ڪنر کوهه نمبر 8 جي ڪاميابي کانپوءِ روزاني 540 بيرل خام تيل جي پيداوار شروع ٿي وئي آهي. او جي ڊي سي ايل جي ترجمان موجب نئين پيداوار سان درآمدي بل ۾ هر سال 3 ڪروڙ 82 لک ڊالرن  جي بچت ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.