اسلام آباد ( م ڊ ) وزير اعظم جي مشير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته عمران خان سائفر ڪيس ۾ ان لاءِ به قصور وار آهي جو هن پوري دنيا جي سامهون سائفر لهرائي ان جو اعتراف ڪيو هو، ان ڪيس ۾ عمران خان جو آزاد ٿي وڃڻ عدالتي ساک تي ڪيئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو اپوزيشن کي ئي سمجهندو هو ۽ ان اپوزيشن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کان مدد طلب ڪئي هئي جنهن کيس مايوس ڪيو ته عمران خان انهن سان جهيڙو ڪرڻ ۽ کين مير جعفر سڏڻ لڳو، هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءَ الله چيو ته ادارن سياست ۾ مداخلت بند ڪري ڇڏي آهي، هاڻ عمران خان جو جهيڙو ڇا تي آهي، باني پي ٽي آءِ کي جيڪڏهن سياست ۾ اڳتي وڌڻو آهي ته ان کي سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون ڳالهين کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي جيڪڏهن اڃان به هو اهو سمجهي ٿو ته آئون طاقت جي زور تي سمورن سياسي مخالف جماعتن کي ختم ڪري ڇڏيندس ته اها ان جي سڀ کان وڏي غلطي هوندي.