اينٽي ڪرپشن عدالت بلڊر کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي اينٽي ڪرپشن جي خاص جج جي عدالت ۾ گڏاپ جي علائقي مان گرفتار بلڊر رائو جاويد کي جڊيشنل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي .هڪ ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ کان پوءِ هن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي .جوابدار کي الزام آهي ته روينيو روينيو عملدارن سان ملي ڀگت ڪري زمينن تي قبضو ۽ نالي ۾ ردو بدل ڪيو آهي .جاچ آفيسر ٻڌايو ته هڪ جوابدار سب رجسٽرارصدر خالدميمڻ روپوش آهن هن کي جلدي گرفتار ڪيو ويندو ،جوابدار کي ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هڪ ڏينهن جو سٽي ڪورٽ مان رمانڊ ورتو ويو هو .جوابدار رائو جاويد روينيو کاتي کان ملي ڀگت ڪري غيرقانوني زرعي ۽ ٻين زمينن تي قبضو ڪري ڪمرشل طور وڪرو ڪيو آهي .عدالت کان 14ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي هئي جيڪي ردڪند ي عدالت جيل موڪلي ڇڏيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.