حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب لڳل باھ واري واقعي ۾ ھڪ ٻار سميت وڌيڪ 3 ماڻھو فوت ٿي ويا آھن، ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل رڪشا ڊرائيور 35 سالن جي رئيس احمد پٽ مراد قاضي ۽ ريڙھو ھلائيندڙ 50 سالن جي اڪرم پٽ قربان علي شاھ گذريل رات ۽ ڪالھ مختلف وقتن تي دم ڏئي ڇڏيو، بعد ۾ سندن لاش حيدرآباد ۾ سندس گھرن ۾ پھچايا ويا، لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، بعد ۾ فوتين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد انھن جي تدفين مقامي قبرستان ۾ ڪئي وئي، وڌيڪ ٽن ماڻھن جي فوت ٿيڻ بعد سانحي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي.17