ڪراچي ( م ڊ ) يورپي يونين طرفان پاڪستاني ايئرلائنز تي لاڳو پابندي ختم ٿيڻ جا امڪان اڃا به موجود آهن. پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي سرڪاري ذريعن مطابق يورپي يونين ايئر سيفٽي ڪميٽي 31 مئي جي اجلاس ۾ پاڪستان جو نالو سيفٽي لسٽ ۾ شامل نه ڪيو هو.سي اي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته سٺي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۽ پي آءِ اي کي سيفٽي لسٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، سيفٽي لسٽ ۾ شامل ملڪن جي ايئر لائنز جي يورپ اچڻ تي پابندي آهي ، يورپي يونين ايئر سيفٽي ڪميٽي 31 مئي جي اجلاس ۾ پاڪستان جو ڪيس آياساڪو ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.