ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد جي ڊي اي پل تي ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار عورت فوت ۽ 3 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمي ٿيا. پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتار ڪار بي قابو ٿي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، زخمين ۾ ليڊي ڪانسٽيبل فاطمه، هيڊ ڪانسٽيبل سراج، اقصيٰ ۽ طوبيٰ شامل آهن. حادثي ۾ زخمي ٿيلن ۾ هڪ ليڊي ڪانسٽيبل ۽ هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي.