ٽنڊي جان محمد ۾ ڀيڻ سان ملڻ لاءِ ايندڙ ناري سان ڀيڻويي پاران لڄالٽ

ٽنڊو جان محمد (رپورٽ: علي احمد جروار) ٽنڊي جان محمد جي جوڻيجا ڪالوني ۾ شادي شده ڀيڻ سان ملڻ لاءِ آيل  ديھه 196 جي رهواسڻ 18 ورهين جي غير شادي شده مسمات سومل ڌيءُ سانوڻ جروار کي سندس ڀيڻويي علي شير جروار  پاران گهر جي ڪمري ۾ بند ڪري مبينا زبردستي  زناءَ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، جنهن بعد متاثر نينگري وارثن سميت ٿاڻي تي پهتي، ناري جي ڀاءُ الياس ولد سانوڻ جروار جي فرياد تي جوابدار علي شير جروار مٿان مبينا لڄالٽ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته پوليس نينگري کي ميڊيڪل چڪاس لاءِ رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرياڻي جي ابتدائي رپورٽ موجب نينگري سان لڄالٽ جي تصديق ٿي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.