خانپور ويجهو زمينداراغوا بعد قتل، ڪمدار زخمي

خانپور (ن ع آ) خانپور ويجهو ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ناپر ٻاھران ھٿياربندن زميندار اقبال ناپر ۽ سندس ڪمدار الھداد چاچڙ کي اغوا ڪري زميندار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪمدار کي زخمي ڪري ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي ۽ مقتول جو لاش کڻائي خانپور اسپتال پهچايو. ان موقعي تي  مقتول ۽ زخمي جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ته ڌاڙيلن وڏو ظلم ڪيو آهي خانپور تعلقو مڪمل ڏوھارين حوالي ٿيل آھي چوري ڦر اغوا قتل روز جو معمول بڻيل آھن، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.