تڪراري ٽوئيٽ هٽائڻ جو فيصلو مشوري سان ڪيو ويندو: رئوف حسن

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي اڪائونٽ تان تڪراري ٽوئيٽ  ڊليٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو قانوني مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو. 27 مئي تي عمران خان جي آفيشل اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڍاڪا سانحي سان تشبيهه ڏني وئي جنهن ۾ ڪيپشن ڏنو ويو ته ”هر پاڪستاني کي حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ پڙهڻ گهرجي ۽ ڄاڻڻ گهرجي ته اصل غدار ڪير هو. جنرل يحيٰ خان يا شيخ مجيب الرحمان؟  وڊيو ۾ موجوده سول ۽ فوجي قيادت جون تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن، جن تي الزام لڳايو ويو آهي ته اهي عام چونڊن ۾ پارٽي جي مينڊيٽ کي چوري ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.