مشڪل وقت ۾ هر سياسي اڳواڻ 71ع جي ڳالهه ڪندو آهي: اينڪر

اسلام آباد(م ڊ)جيو نيوز جي اينڪر شهزاد اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سياسي اڳواڻ تي جڏهن مشڪل وقت ايندو آهي ته 1971  ع جي واقعن جي ڳالهه ڪندي آهي،71 ع جي ڳالهه ڪرڻ ڪو عيب ناهي، اڄ حڪومت شيخ مجيب الرحمان کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏئي رهي آهي،هن کي مڪتي باهني ۽ انڊيا جو ايجنٽ قرار ڏنو پيو وڃي، تازو مولانا فضل الرحمان به سخت ڳالهيون ڪيون آهن، اهي ڳالهيون ميڊيا تي شايع نٿيون ڪري سگهجن، وفاقي وزيراطلاعات عطا تارڙ   چيو آهي ته  ڪنهن کي به پاڪستان جي سالميت تي نه ڳالهائڻ گهرجي، پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ موجود آهي، انهن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ڳالهيون ٿيڻ به گهرجن، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪڏهن به اهو نه چيو ته اسان اقتدار ۾ نه رهياسين ته پاڪستان ٽٽي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.