ڪراچي ۾ غزا مارچ، مسلم حڪمران همت ڪن: حافظ نعيم

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي غزا ملين مارچ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ فضا لبيڪ يا اقصيٰ جي نعرن  سان گونجي وئي. ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل نرسري تي غزه ملين مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ مجلس وحدت مسلمين (ايم ڊبليو ايم) جي اڳواڻن، اقليتي نمائندن، سول سوسائٽي سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن فلسطين جي عوام ۽ مزاحمتي تحريڪ حماس سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. حافظ نعيم چيو ته عالمي سطح تي فلسطين جي حق ۾ لهر اُٿي آهي، اسرائيل پناهگيرن جي ڪئمپن تي بمباري ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي پويان آمريڪا آهي پر حماس پوئتي نه هٽندي.  جيڪڏهن مسلمان ملڪ ثابت قدم رهن ها ته غزه ۾ ايترو قتل عام نه ٿئي ها.  هن چيو ته قائداعظم واضح طور تي چيو هو ته اسرائيل هڪ ناجائز رياست آهي، فلسطيني شڪست قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پاڪستاني حڪمرانن کي به جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.