شهيد نصرالله گڏاڻي سرداري غرور خلاف اتساهه بڻيل

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) جماعت اسلامي سنڌ جي ميزباني هيٺ ڪراچي ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي سڏ تي بدامني، ڌاڙيل راڄ خلاف،پرياڪماري، فضيلا سرڪي جي بازيابي ۽ صحافين نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچي، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، ٽنڊومحمد خان، دادو ، ڪي اين شاھ ، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊوآدم، ٺٽو سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جنهن ۾ شريڪ ماڻهن بدامني جي خاتمي، “ امن کپي، ڌاڙيل راڄ ختم ڪريو” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنياجماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي دادو، ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ احتجاجي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌاڙيلن جو راڄ آهي جنهن کي پ پ حڪومت جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي، ڪنهن به شهري جي جان ۽ مال محفوظ ڪونهي، ڌاڙيلن خلاف آپريشن توڙي جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي نالي تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ جو عوام امن لاءِ واجهائي رهيو آهي، ڪراچي ۾ روز ڪونڌر ڪسجي رهيا آهن، ڪچي جي زرخيز زمين جي فصلن عيوض سنڌ کي تباهه ۽ ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏيڻ ڌرتيءَ سان غداري آهي. عوام جي حفاظت لاءِ مقرر سيڪورٽي ادارا توڙي حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿيا آهن. ميڙاڪن کي ضلع دادو جي امير عبدالرحمن مڱريو، محمد موسى ٻٻر ۽ امتياز چانڊيو پڻ خطاب ڪيو. شڪارپور ۾ ممتاز حسين سھتو ،عبدالسميع ڀٽي، مولانا صبغت الله منصوري،ايڊوڪيٽ عبدالقادر ابڙو،اسد الله سومرو، اعجاز ڪاڪيپوٽو، احسان جيھو، فضل الله نوراني۽ ٻين ريلي جي اڳواڻي ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي ممتاز حسين سهتو چيو ته ايس ايس پي عرفان سمون ۽ ان جا رکيل آفيسر خود ڏوھن ۽ اغوائن ۾ ملوث آھن، پيپلزپارٽي سنڌ خاص طور تي شڪارپور کي رھزنن، لوڦرن ۽  ڌاڙيلن حوالي ڪري چڏيو آھي. هن وڌيڪ چيو ته ڪچي ۾ آپريشن ھڪ ڍونگ آھي اڄ تائين ھڪ به ڌاڙيل کي پڪڙيو نه ويو. مغوين جي بازيابي اڄ تائين ڊيل تحت عمل ۾ آيون آھن. ڪنڌڪوٽ ۾ حافظ نصر الله چنا،غلام مصطفي ميراڻي ، ايس يوپي جي دلمراد ڏاهاڻي سميت مختلف سياسي  سماجي قومپرست صحافين توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي، ٺل ۾ حاجي ديدارعلي لاشاري امدادالله بجاراڻي جمال جوش ٻرڙو ڊويزنل صدر ايس يو پي ، جي يو آءِ جي حاجي ميرحسن ٻرڙور،ايس ٽي پي جي عبدالرزاق لاشاري،قومي عوامي تحريڪ جي اعجاز ڪنراڻي،ڪامريڊ عرض بنگلاڻي، اقليتي رهنما ڊاڪٽر شنڪر لال ۽ ٻين خطاب ڪيو،سکر ۾  علامه حزب الله جکرو ، ايس يو پي جي عيدن جاگيراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٽنڊو محمد خان ۾ ايس يو پي جي عمران لغاري، جماعت اسلامي جي عامر شيخ ٽنڊوآدم عبدالغفور انصاري، ٺٽي ۾ الطاف احمد ملاح، مجيد سمون، لاڙڪاڻي ۾ امير نادر علي کوسو، ايس يوپي جي مظهرمغل، قومي عوامي تحريڪ جي سڪندر لاشاري، جي يو پي جي روشن انقلابي، ايس ٽي پي جي مجيد مغيري اڳواڻي ڪئي

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي حيدرآباد ۾ بيباڪ صحافي عوامي آواز ميرپورماٿيلي جي رپورٽر شھيد نصرالله گڏاڻي، شھيد جان محمد مھر، پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند، استاد الله رکيو نندواڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن ۾ سياسي، سماجي، قومپرست اڳواڻن ۽ صحافين سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاج ۾ شريڪ ماڻھو ڀوتار، رئيس، وڏيرو، ڄام، مير پير-ماءِ فوٽ سميت ٻيا نعرا ھڻي رھيا ھئا. سنڌ صحافي اتحاد جي سربراهه نعمت کھڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اولڊ ڪئپمس حيدرآباد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو، سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ رفعيه پليجو، عوامي جمھوري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري سيد لال شاھه، سرمد راڄپر، سنڌي ھندو ڪائونسل جي صدر سورج ڪوھستاني، سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ زينت پروين چانڊيو ۽ حميره آريسر سميت ايس يو پي جي اڳواڻن ۽ صحافين سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نعمت کھڙو ڳالھائيندي چيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي جي شھادت کي 11 ڏينھن گذري چڪا آھن پر ھڪ به جوابدار گرفتار نه ٿيو آھي، پوليس جي جاچ ۾ ڪابه پيش رفت ناھي ٿي، اسان کي شڪ ٿئي ٿو ته ايس ايس پي گھوٽڪي شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث آھي، ھن چيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي جي والده امان پٺاڻي شھيد صحافي جي ڪيس ۾ چيو آھي ته نصرالله چوندو ھو ته وڏيرا، ڀوتار، سردار، رئيس، ڪمدار ۽ ڪامورا سڀ ان کي حق ۽ عوام جو آواز بلند ڪرڻ ۽ مظلوم دوستي جي ڪري کيس ناپسند ڪندا ھئا، ايس ايس پي سمير نور چنو ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ڊي آءِ جي پير محمد شاھ کي به خبر آھي،پريا ڪماري جي اغوا کي 34 مھينا گذري ويا آھن پر اھا به بازياب ناھي ٿي سگھي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن گردي، دھشتگردي، جبري گمشدگين ۽ ڌاڙيل گردي سان گڏوگڏ صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، جيئن سنڌ ۾ خوف ۽ ڏھڪاءَ وارو ماحول ھجي، ظلم ۽ راڪاس ھجي، جيئن ماڻھو حق، سچ ۽ عوام جي ڳالھ نه ڪن ۽ لٽيرن خلاف سگھارو آواز نه اٿاري سگھن. ھن چيو ته اھڙن معاملن جي مذمت ڪندي گھر ڪريون ٿا ته قاتل گرفتار ڪيا وڃن. جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ ۾ مظلوم ماڻھن جو آواز بڻجندڙ صحافين کي يا ته خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي يا انھن کي ڌمڪايو وڃي ٿو، انھن جي ڳالھين ۾ نه ايندڙ صحافين کي راهه تان ھٽائڻ لاءِ قتل ڪيو وڃي ٿو، جنھن جو جان محمد مھر توڙي نصرالله گڏاڻي جو قتل مثال آھن. عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد لال شاهه چيو ته سنڌ ۾ صحافين جو سرعام گوليون ھڻي قتل ڪري شھيد ڪيو پيو وڃي، ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته سنڌ ۾ امن نالي ڪا شيءِ ناھي، سنڌ جو شعور جاڳي پيو،  آهي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار چيو ته ڌرڻي جي ڳالھ ڪندڙن کي قتل ڪيو پيو وڃي، سنڌ کي مقتل گاھ بڻايو ويو آھي، شھيد نصرالله جي قتل ۾ جيڪو به وڏيرو، جاگيردار ۽ سردار ملوث آھي، ان کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ رفعيه پليجو چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ٻيا ادارا ڪٿي آھن؟. ان موقعي تي ڌرڻي ۾ رواداري تحريڪ جي صدر پنھل ساريو، ھندو ڪائونسل جي اڳواڻ سورج ڪوھستاني، ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، شريف ابڙو، سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ زينت پروين چانڊيو، حميره آريسر ۽ سرمد راڄپر سميت ٻين شرڪت ڪئي.ميرپورماٿيلو ۾ اسد پتافي،برڪت ميراڻي،ثاقب گڏاڻي،پريم راٺوڙ،غازي وسير، الھورايو وسير،شبير ڀٽي۽ ٻين  ريلي جي اڳواڻي ڪئي ريلي ۾ ڀوتار مائي فٽ،ايس ايس پي گهوٽڪي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، اسد پتافي جو چوڻ هو ته نصرالله گڏاڻي جي قتل جا پيرا وڏيرن ڏانهن وڃن پيا اتي ساڳيا پيرا ايس ايس پي گهوٽڪي ڏانهن پڻ وڃن ٿا، سجاول جوڻيجو ۾  سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي سرفراز ساريو، نياز حسين لاشاري ،احسان جوڻيجو، بختيار علي لاشاري ، اميد علي بوزدار، آصف جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،سکر ۾ احتجاج جي اڳواڻي امداد ڦلپوٽو، ساحل جوڳي، جاويد ميمڻ، شائسته کوسو، عيدن جاگيراڻي، ماجد ڏنور، تاج رند، ايڊووڪيٽ قربان ڪَلوڙ، مصطفي ڦلپوٽو، عرفان ملڪ، عبدالحميد شيخ، اشرف ابڙو، دين محمد سميجو، حميد دَل،شبير جوڳي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،.سيٺارجا ۾حسين بخش ڪٻر ، صحافي علي گل ڪٻر، نثار آرائين،عاشق حسين ،سجاد علي ڪٻر ،سنيل احمد ڪٻر ،ارباب سهتو ، علي عبدالله سهتو ،ڄام حنيف الله ڌاريجو،الطاف حسين ڀٽو، صدام حسين ڪٻر،مقصود احمد جاگيراڻي، امجد سولنگي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ هن وقت صحافت ڪرڻ انتهائي مشڪل بڻجي ويو آهي روز ڪنهن نه ڪنهن صحافي جو لاش ملي ٿو هتي وڏيرا شاهي سبب سڀ ڪجه يرغمال بڻيل آهي سوڀوديرو ۾ اورنگزيب پيرزادو، ظھور حسين ڄامڙو، جمال محمود کھڙو، ،فضل محمد منگي، جسقم جي ڪرم سامٽيو،حاڪم منگي سول سوسائٽي جي علي بخش شيخ ڪفايت شيخ، شفيق سومرو،منظور سندـ پ پ ڪائونسلر غلام مرتضي سامٽيو،علي بخش سولنگي عارف خاڪي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،نوابشاهه ۾ امداد مغيري لالا تاج رند جي ڊبليو سي جي ذوالفقار خاصخيلي اڪرم چانڊيو ايس يو پي سنڌ ڪائونسل ميمبر مجيب ماڇي، گل حسن رند، صحافي سيد غلام نبي شاهه، ارشد شيخ، غلام سرور خاصخيلي، نزاڪت گپچاڻي، سمير شاهاڻي، ڊاڪٽر مشرف ڀٽي جي اڳواڻي ۾نوشهري فيروز ۾ يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، عتيق الرحمان وسطڙو ،يوسف منگي،علي نواز سولنگي، ذيشان وسطڙو، سچل راڄپر،ثقلين اسراڻ، جبار وڳڻ  ،اعجاز علي تڳر ،مولابخش مشوري، زاھد لنڊ،خادم سيال جي اڳواڻي ۾، ماتلي ۾ نصير سولنگي، راجا نصير نظاماڻي،حڪيم جهيجو ، ارباب عمر، امير بخش سولنگي ، ايس يو پي جي ارسلان خاصخيلي، ربڏنو چانگ قومي عوامي تحريڪ جي ڪيلاش مڪواڻا، جسقم جي اعجاز خاصخيلي، ماجد نظاماڻي، فياض بروهي، ماتلي اتحاد جي رفيق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مانجهند ۾ محمد يوسف عمراڻي، گلزار ملاح، محرم خاصخيلي، محسن خاصخيلي، سياسي سماجي ڌرين ايس يو پي اڳواڻ اعجاز ميمڻ سهيل ڀٽي جي اڳواڻي ۾خانپورمهر ۾عظيم سيال، سائل قاضي،دودو مهر،نواب ميراڻي ،قاضي خادم ،ياسين ميراڻي،صدام بلوچ، منٺار چنه،انور ملڪ، علي دوست گڏاڻي، سڌام چند ،سورج ڪمار، هريش ڪانيا ،ڌنيش کيماڻي، عبدالقيوم مهر ،آفتاب سيال ،شبير سيال ، طالب گڏاڻي، محمد امين گڏاڻي،مختيار ملڪ، امجد ملڪ، زين العابدين گڏاڻي، صفدر گڏاڻي، مھتاب شر، عبدالله سومرو، صدرالدين مهر، سهيل عباس ،خان پور ۾ صفي الله  سيٺار، زبير ابڙو، عاصم دايو، الطاف لاڙڪم ياسين ابڙو، ياسين عثماني راجا ڀيو، نويد پٺامڻ فياض مگڻھار، عمران مگڻھار،ميان نظير احمد سيف اڪبر آرائين، ولي الله  پھوڙ، نھال خان ڀنڀرو، دريا خان سيٺار ،قمبر ۾ مولا بخش مغيري، يوسف شيخ، حاڪم خاصخيلي،درمحمد ٻرڙو،شوڪت چانڊيو،اياز ٻرڙو،محمد مٺل کوسوجي اڳواڻي ۾،ڪنڌڪوٽ ۾ افظ نصرالله چنا،غلام مصطفي ميراڻي  پي ٽي آءِ جي  عبدالعزيزسومروباسط پٺاڻ، ساگرظريت بجاراڻي، دلمراد   ڏاهاڻي، مختيار  سبزوئي،شهنواز مرهيٽو،ايس ٽي پي جي  اڪرم باجڪاڻي، جيوڻ سبزوئي جي يو آءِ جي ابراهيم خاڪي، قومي  عوامي  تحريڪ  جي  فدا حسين،  سجاد بروهي، شعيب ڊومڪي، جيڪب آباد ۾ پرويز احمد ابڙو، محمد نواز سولنگي، بخشن عبدالنبي مگسي لھر،سيد منظر علي شاهه، حضور بخش مغيري، دوست محمد لاشاري، عرض محمد سومرو، محمد صديق ٽالاڻي، حضور بخش سومرو ،رجب علي سومرو، خدا بخش سومرو، نواب علي لانگاھ ، زبير احمد ابڙو، مير حسن سومرو، راشد علي خاراني، شڪيل احمد خاراني، وحيد علي سومرو ،نديم احمد قريشي، ديدار علي جکراڻي ،عابد علي سنڌي، وقار احمد قريشي، غلام حسين جکراڻي، راشد علي جواد، حسين سيال جي اڳواڻي ۾ دادو ۾ رضوان غني منگي، سرور جلال سولنگي، آصف علي سومرو، علي گل چنه، فتاح شيخ، سخي سردار چارڻ، الله بخش خشڪ، نديم شاهاڻي، گلشير سولنگي، جاويد لغاري، رفيق چنه، مختيار سومرو، راحيل راجپوت، محرم شينو، ممتاز ڀنڊ، شهرين ڊاڪٽر جبار ٻٻر، مجيب پنهور، اعجاز ملڪاڻي، منصور پنهور، محمد امين جمالي، غلام نبي لغاري، نياز چانڊيو، دانش خشڪ، راجا رفيق پنهور، رجب آزاد سولنگي، ظهير قادري، ظهير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ اندر ڀوتارڪي، سرداري نظام سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ،گمبٽ ۾ قمرالدين شيخ، ناظم ڄامڙو نعمت الله شيخ، آصف لاکائي، آفتاب سروھي،عادلپور ۾ مسرت مھر،  اسلم مھر، حليم مھر، نظير احمد لانگاه،  عابد مھر، امجد ڪلوڙ سرفراز احمد رسول بخش نداماڻي،صوفي سليم مھر، نديم ڪمار، امتياز سنڌي، مسعود احمد، خليق الزمان، اختيار علي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،چمبڙ ۾ شاهد اقبال صديقي، انتظار گپچاڻي، احسان اوٺو، پرڪاش ڪمار، فدا رستماڻي، شاگرد بابرعلي رستماڻي، ڪامران علي، محمد زبير ڳڙهي حسن ۾ مير حسن کوسو، غلام رباني سرڪي، امام بخش ڌوئو، رفيق سرڪي ڄامشورو ۾ عرفان برفت، حاڪم چانڊيو،صدر جوڻيجو، رحيم بليدي، احمد علي ابڙو، سيوا اڳواڻن محمد علي گھانگھرو، سيد گنبل شاھ، ايس ٽي پي اڳواڻن ساگر عالماڻي، راجا ڏاھاڻي، جئي سنڌ تحريڪ اڳواڻن انور بڙدي، فيصل وڳڻ، ايس يو پي اڳواڻن حافظ بخش سھڙو، پير بخش سھارڻ، جي يو آء اڳواڻ حافظ جيمل لغاري، پ پ اڳواڻ حق نواز برھماڻي، شوڪت نائچ، دوڪاندار اڳواڻ مرتضيٰ نائچ، سماجي تنظيم شلوا  اڳواڻ ڪامريڊ جوشيلو سنڌي،حيات پتافي ۾ ميراحمد چنڙ،منصور احمد،معشوق احمد ،علي محمد جي اڳواڻي ۾ ڪڪڙ ۾ عوامي آواز رپورٽر شفيع محمد جنجھ پاران پريس ڪلب تي ڪيل اعلان موجب  پاڻ مٿان پيٽرول ھاري پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته صحافين ۽ جنجھ برادرين پاران پاڻ ساڙن کان کين روڪي  ورتو مظاهري ۾ غلام رسول ٻٻر ، گل حسن نوداڻي ، علڻ خان نائچ ، ظھيراحمد ٻٻر ، اميرحسن ملاح ، مھراڻ تڳر  ، درمحمد کرل ، ،مرزابرھماڻي شرڪت ڪئي،مانجهند ۾ محمد يوسف عمراڻي، گلزار ملاح،محرم خاصخيلي، محسن خاصخيلي، اعجاز ميمڻ سهيل ڀٽي،ٽنڊو محمد خان ۾عمران لغاري، جمن ملاح، منور سومرو، رمضان شورو ، منير بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾،ٽنڊي الهيار ۾سيد نصير محمد شاهه، سليمان سينهڙو، وحيد فراز قريشي، اعجاز مڱڻهار، شبير مشوري، فهد قائمخاني، غلام رسول درس، غلام رسول نهڙيو ، فيروز گل، اشرف مڱريو، سجاد وساڻ، مصطفي پهنور، نديم بليدي،بچل خاصخيلي، ملڪ حسين لنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، راڻيپور ۾ لعل بخش سهتو، لياقت ميمڻ، انور ناريجو، اسرار عمراڻي، رضا راڄپر، عبدالرحيم سولنگي، گلشن شيخ، وحيد سولنگي، جعفر راڄپر،نياز مومن ڄامڙ،و وقار عمراڻي،شهدادڪوٽ ۾ فدا ڀٽي، معشوق کوسو،ڊاڪٽر قربان ڏنگر، خادم مگسي،ڪامريڊ حبدار ميرجت،حاجي خان ڀٽو،سردار مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.