دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) سنڌ ڄائي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سئنيما چوڪ کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن اعجاز ملڪاڻي، منصور پنهور، عبدالحميد ميمڻ، شعيب مزناڻي، اعجاز ملاح، احمد ملاح، اسرار هيسباڻي، سارنگ چنه، سڪندر کوکر، فراز لغاري، ڪامريڊ مدثر وگهيو، مولاداد لنڊ، عرفان پنهور، سڄڻ کوکر، سراج سومرو، وقار سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳچ عرصو گذرڻ باوجود سنڌ سرڪار پريا ڪماري کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، آءِ جي سنڌ توڙي سنڌ جا حڪمران معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سجيده ناهن، ادارا سجينده هجن ها ته هن وقت تائين پريا ڪماري بازياب ٿي پنهنجن والدين وٽ پهچي وڃي ها، مظاهري ۾ اقليتي برادري جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، استادن، شاگردن سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شهرين احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.