پارٽي فوج خلاف وڙهي پئي، مدد ڪرڻي پوندي\پي ٽي آءِ آمريڪا

نيويارڪ ( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪا چيپٽر جي سربراهه سجاد برڪي چيو آهي ته جيڪڏهن پارٽي ۾ ڪمزوريون آهن ته اسان کي قيادت جي مدد ڪرڻ گهرجي، اسان کي انهن سان گڏ بيهڻ گهرجي، هو فوج سان وڙهي رهيا آهن.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽر تي ڳالهائيندي سجاد برڪي چيو ته جيڪڏهن پارٽي ۾ ڪي به ڪمزوريون آهن ته انهن کي اجاگر ڪرڻ بدران انهن کي درست ڪرڻ ۾ مدد ڪريو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ قيادت انتهائي ڏکين حالتن ۾ اتي بيٺي آهي ۽ اها هڪ فوج سان مقابلو ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.