ڪراچي ( رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران جاري نوٽيفيڪشن مطابق ڊاڪٽر سميع الله سومرو کي ايس ايس پي دادو , عابد علي بلوچ کي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ۽ توحيد رحمان ميمڻ کي ايس ايس پي ڪورنگي مقرر ڪيو ويو آهي .
-
بحريا ٽائون پاران صحافين کي پلاٽ ۽ پگهارون ڏيڻ جي ترديد
ڪراچي(م ڊ) بحريا ٽائون انتظاميا سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ملڪ رياض مختلف وقتن تي پاڪستان جي معروف تجزيه نگارن ۽ صحافين کي وڏي رقم ۽ پلاٽ ڏيندو هو. ٽوئيٽ ۾ چيو ويو ته بحريا ٽائون اهڙي غلط معلومات پکيڙڻ جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. بحريا ٽائون جي آفيشل ايڪس (ٽوئٽر) اڪائونٽ تان ٽوئيٽ ڪندي چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي جعلي لسٽ گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته بحريا ٽائون صحافين کي پگهارون ڏيندو آهي، ليٽر هيڊ استعمال ڪيل لسٽ به فريب آهي. ٻئي طرف بحريا ٽائون جي مبينا ليٽر هيڊ تي صحافين کي مليل رقم ۽ ٻيا تفصيل پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ايڪس اڪائونٽس تي تيزي سان شيئر ڪيا پيا وڃن.
-
ايران جي اڳوڻي صدر احمدي نزاد صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا
نيويارڪ ( م ڊ ) ايران جي اڳوڻي صدر محمد احمدي نزاد صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ان کان اڳ اڳوڻي ايراني اسپيڪر علي لاريجاني ۽ ايران جي پاسداران انقلاب جي اڳوڻي ڪمانڊر وحيد حقاني ۽ ايران جي اڳوڻي چيف ايٽمي مذاڪرات ڪندڙ سعيد جليلي به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.سعيد جليلي 2013ع جي چونڊن ۾ اڳوڻي صدر حسن روحاني کان هارايو، ايراني ميڊيا موجب اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي موجب صدارتي اميدوارن جي رجسٽريشن 30 مئي کان 3 جون تائين ٿيندي، جڏهن ته صدارتي چونڊن جي مهم 12 کان 27 جون تائين هلندي ۽ چونڊون 28 جون تي ٿينديون.
-
ڏکڻ آفريڪا ۾ چونڊون، پهريون ڀيرو نيلسن منڊيلا جي پارٽي اڪثريت کان محروم
جوهانسبرنگ ( م ڊ ) 1994 ع ۾ نسل پرستي جي خاتمي بعد پهريون ڀيرو نيلسن منڊيلا جي پارٽي چونڊن ۾ اڪثريت کان محروم ٿي وئي آهي.ڏکڻ آفريڪا ۾ 1994 ع ۾ نسل پرستي جي خاتمي بعد پهريون ڀيرو نيلسن منڊيلا جي پارٽي چونڊن ۾ اڪثريت کان محروم ٿي وئي آهي. 1994ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرستيءَ جي خاتمي کان پوءِ پهريون ڀيرو نيلسن منڊيلا جي پارٽي چونڊن ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي هئي، پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ آفريڪا جي حڪمران جماعت اي اين سي کي تازين چونڊن ۾ رڳو 40 سيڪڙو ووٽ مليا، 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي آهي، ڏکڻ آفريڪا جي مکيا اپوزيشن پارٽي ’ڊيموڪريٽڪ الائنس‘ کي 21 سيڪڙو ووٽ مليا، اڳوڻي صدر جيڪب زوما جي ’ايم ڪي پارٽي‘ کي پهرين ئي چونڊن ۾ 14 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ورتا . اپوزيشن پارٽين چونڊن جي نتيجن کي وڏي فتح قرار ڏيندي چيو ته ملڪ انتهائي غربت ۽ اڻ برابري سان وڙهندو پيو وڃي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اي اين سي کي ٻيهر حڪومت ٺاهڻ لاءِ اتحاد جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. ڏکڻ آفريڪا ۾ 29 مئي تي ٿيل چونڊن ۾ 2 ڪروڙ 77 لک ووٽر رجسٽرڊ هئا، پر چونڊن ۾ ووٽر ٽرن آئوٽ رڳو 58.61 سيڪڙو رهيو، جيڪو گذريل 30 سالن ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ سڀ کان گهٽ ووٽر ٽرن آئوٽ آهي.