حيدرآباد ۾ سلينڊر ڌماڪي جا وڌيڪ 2 زخمي فوت، انگ 11 ٿي ويو، ڪيس داخل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي, پوليس 5 ڏينهن کانپوءِ پريٽ آباد سلينڊر ڌماڪي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ڪيس  ۾ ايل پي جي هلائيندڙ، دڪان مالڪ ۽ ان پٽ کي نامزد ڪيو ويو. 5 ڏينهن اڳ حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ گئس سلينڊر جي دڪان ۾ ڌماڪي ۽ باھه لڳڻ واري واقعي جي پوليس ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي، پنڃاري ٿاڻي تي پوليس جي فرياد تي داخل ايف آئي آر ۾ ايل پي جي گيس سلينڊر دڪان هلائيندڙ اڪرم پٽ منشي آرائين، دڪان مالڪ ۽ ان جي پٽ کي نامزد ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۽ ان ۾ ڄاڻايل جوابدار جي نامزد ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ايف آءِ آر ۾ ٽن ڄڻن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ايل پي جي گئس سلينڊر وڪرو ڪندڙ اڪرام آرائين لاڳاپيل ادارن کان اجازت وٺڻ بنا اهو ڪاروبار ڇو ڪيو، جڏهن ته دڪان مالڪ بابو الدين قريشي بنا اطلاع ۽ اجارت وٺڻ جي دڪان مسواڙ تي ڇو ڏني، ان غيرقانوني عمل ۾ دڪان مالڪ جو پٽ علي ملوث هو، تنهن ڪري انهن ٽنهي ڄڻن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ٻئي طرف پنڃاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او لياقت ڪنڀار جي فرياد تي داخل ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ فوتين ۽ زخمين جي وارثن سان رابطو ڪيو ويو پر هڪ ماڻهو ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ نه آيو، جنهن کانپوءِ سرڪار جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پريٽ آباد سلينڊر ڌماڪي ۾ 9 ٻارڙن سميت فوتين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي زخمين ۾ 21 ڪراچي جي اسپتالن ۽ 10 سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل آهن. واقعي جي فوتين ۾ 12 ورهين جو عبدالهادي پٽ اصغر، 10 ورهين جو آيان پٽ جاويد، 10 ورهين جو آزان پٽ شاڪر، 12 ورهين جو آزان پٽ رئيس، 6 ورهين جو حسنين پٽ راشد، 15 ورهين جو بلال پٽ عاشق، 10 ورهين جو رحيم پٽ فهيم، 8 ورهين جو محمد حسن پٽ ذيشان، 35 ورهين جو ذوالفقار پٽ محمد عمير، 32 ورهين جو فيضان پٽ اشرف ۽ ڪالھه فوت ٿيل 10 ورهين جو عباس پٽ مبارڪ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.