پنوعاقل (ن ع آ ) پني عاقل جي ڪچي واري علائقي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بکو مهر ۾ 2 ڏينهن اڳ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته جوابدار مڙس گاجي مهر ساٿين سان گڏجي پنهنجي گھر واري ناهيد پٺاڻ کي ڳوٺاڻي شفايت الله مهر سان مبينا ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪيو هو. جنهن بعد رضا ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس مقتولا عورت جو لاش کڻائي پني عاقل اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد روهڙي واسي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ھوڏانهن رضا ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس سرڪار جي مدعيت ۾ عورت کي قتل ڪندڙ اصل قاتلن بدران ڪارنهن الزام ھيٺ آيل نوجوان شفايت الله عرف امجد پٽ خدا ڏني مهر خلاف عورت کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري کيس راڄوڻي ڪوشش ذريعي گرفتار ڪري ورتو آھي.