غزا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف جماعت اسلامي جا مظاهرا

ڪراچي ( نمائندن وٽان) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمٰن جي اپيل تي رفح مٿان بمباري ،غزا ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ فلسطينين  جي قتل عام خلاف اعلانيل احتجاج جي سڏ تي جمعي ڏھاڙي ڪراچيءَ کان ڪشمور سنڌ ۾  ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن کي جماعت اسلامي جي صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو. مظاهرن ۾ شريڪ ماڻهن رفح سميت غزا ۾ اسرائيلي جي وحشياڻي بمباري، ڪيمپن ۾ موجود معصوم ٻارن ۽ عورتن کي زندهه ساڙڻ سميت قتلِ عام خلاف سخت نعريبازي ۽  "اسرائيل جو هڪ علاج الجهاد الجهاد” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. اڳواڻن غزا ۾ اسرائيلي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي بند ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. صوبائي  امير محمد حسين محنتي ڪراچي ۾ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل هڪ قابض ۽ دهشتگرد رياست آهي جنهن کي انساني حقن جي دعويدار امريڪه سامراج جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي. ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تي جماعت اسلامي پاران رٿيل احتجاجي مظاهري کي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل، آمريڪا ۽ ڀارت جو شيطاني اتحاد مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ مصروف  آهي، اسرائيل رفح سميت غزه ۾ فلسطينين خلاف درندگي ۽ سفاڪيت جي انتها ڪري ڇڏي آهي ،سکر ۾ مظاھري کي مرڪزي اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو ۽ مولانا حزب الله جکرو خطاب ڪندي چيو ته عالمي دھشت گرد آمريڪا جي سرپرستي ۾ اسرائيل غزا ۾ ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. معصوم ٻارڙن عورتن کي بکيو اڃيو رکي محصور ۽ قتل عام ڪري ڪربلا جي ياد تازي ڪري ڇڏي آھي.جيڪب آباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهري کي ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل ۽ امريڪا غزا جي 30 لک آبادي واري شهر کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي، بدين ۾  مسجد اقصي کوسڪي روڊ کان بدين پريس ڪلب / ايوان صحافت تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن کي خطاب ڪندي ضلعي جي امير سيد علي مردان شاهه گيلاني چيو جيسين تائين قبلا اول ۽ فلسطيني مسلمانن کي مڪمل طور آزادي نه ٿي ملي سڪون سان ڪونه ويھنداسين. دادو ۾ پريس ڪلب تي ضلعي جنرل سيڪريٽري محمد موسى ٻٻر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورخاص ۾ سبزي منڊي چوڪ تي مظاھري کي حاجي نور الاهي مغل، خيرپور ۾ ثناءَ الله جوڻيجو ،درمحمد خاصخيلي ، قمبر ۾ امتياز ڀٽو، شھدادڪوٽ ۾ مسلم سومرو، ٺٽي ۾ الطاف ملاح ، ايڊووڪيٽ مجيد سمون، ڪنڊيارو ۾ مولانا ھاشم لاشاري، مٺي ٿرپارڪر ۾ مير محمد بليدي، قاضي احمد ۾ مولانورمحمد جوڻو جڏھن ته لاڙڪاڻي پريس ڪلب تي احتجاجي مظاھري کي ضلعي اڳواڻ نادرعلي کوسو، وڪيل عاشق ڌامراھ ۽ٻين خطاب ڪيو. هوڏانهن ملڪ جي ٻين شهرن اسلام آباد، لاهور، شير ڳڙهه، پشاور، ايبٽ آباد، اوڪاڙا، ساهيوال، چترال، حافظ آباد، جهنگ ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.