اسلام آباد (م ڊ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اليڪشن ٽربيونل آرڊيننس تي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان پارلياماني معاملن ۽ اليڪشن ڪميشن جي بجيٽ مخصوص ڪرڻ بابت ڪجهه معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.