تنگواڻي ( ن ع آ ) تنگواڻي شبيرآباد جي حد ۾ انڊس هاءِ وي تي ڦرلٽ جي ارادي سان بيٺل پوليس جو ڏوھارين سان مبينا مقابلو ٿي پيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ اڻڄاتل ڦورو مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار وٽان وڏي تعداد ۾ پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. جوابدار جو لاش اسپتال پهچايو ويو. مقتول جي سڃاڻپ ۽ ڪرمنل رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي.