مهانگائي سٽيل عوام انقلاب آڻي سگهي ٿو: معاشي ماهر

ڪراچي(رپورٽر)اڳوڻي وفاقي مملڪتي وزير ۽ معاشي ماھر اشفاق تولا آءِ ايم ايف پروگرام جي مخالفت ڪندي “ھوم گرون” پروگرام پيش  ڪري ڇڏيو، ڪالھھ ڪراچي پريس ڪلب پاران معاشي صورتحال، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري، رپئي جي قدر ۽ آءِ ايم ايف پروگرام جي موضوع تي خطاب ڪندي اشفاق تولا “ھوم گرون” جو خاڪو پيش ڪندي چيو تھ توانائي، واپار ۽ ٽيڪس جي شعبن ۾ سڌارن، زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ وڌيڪ زرعي مصنوعات جي تياري کي ھٿي ڏئي برآمد ڪرڻي پوندي، اشفاق تولا چيو تھ آءِ ايم ايف پروگرام سخت ترين شرطن تي عملدرآمد سان ايندڙ 4 سال ۾ پاڪستان کي وڌيڪ 80 ارب ڊالر جي پرڏيھي قرض وٺڻا پوندا، ھن چيو تھ آءِ ايم ايف جي سخت شرط سان گڏ نئين پروگرام ۾ شموليت جي نتيجي ۾ ڪجھھ سالن کان 57 ارب ڊالر جي سطح تي رھندڙ امپورٽس جو حجم وڌي ويندو، ھوم گرون پروگرام تحت ڪڻڪ، چانور جي اگھن کي آزاد رکندي عالمي قيمتن سان ڳنڍيو وڃي، ڪڻڪ ۽ چانورن جي پيداوار وڌائڻ جي گنجائش آھي جنھن تي عمل ڪيو وڃي، ان سان گڏ ئي ڪپھھ جي پيداوار تي جاري جمود کي ٽوڙي منصوبابندي تحت ان جي پيداوار وڌائي وڃي، زرعي مصنوعات وڌائي وڃي تھ ھڪ سال ۾ پاڪستان جي برآمدن جو 40 ارب ڊالر تائين پھچي سگھي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪو بھ سياسي ايونٽ حڪومت جو تبديلي جو سبب نٿو بڻجي سگھي، جيڪڏھن ڪو انقلاب ايندو تھ مھانگائي جي ستايل عوام جو ايندونئين وفاقي بجيٽ ۾ 1300 ارب جا نوان ٽيڪس لڳا پيا وڃن، مصنوعات تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ سان مھانگائي وڌيڪ وڌندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.