سنڌو درياھ تي قبضو ڪيو ويو آهي:صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ کي بهتر سياست ۽ قومي ٻڌي بچائي سگهي ٿي سنڌو درياھ تي قبضو  ڪيو ويو آهي، سمنڊ جي ساحلي پٽي تي والار ٿي رهي آهي، سمنڊ جي ساحلي پٽي جا قديم شهر ٺٽو، سجاول، بدين انساني سهولتن کان محروم آهن، سرڪار وري ساحلي ڪناري تي نئوا شهر ٺاهڻ جا اعلان ڪري رهي آهي، هن چيو ته سنڌو درياھ ۾ 1991 جي پاڻي ٺاھ مطابق پاڻي ڇڏيو وڃي ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي نه سگهندو ۽ غير آباد لکين ايڪڙ زمين آباد ٿي ويندي، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪز (جساف) جي تنظيمي صورتحال جو جائزو وٺي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) مرڪز جي آرگنائيزنگ باڊي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ چيف آرگنائيزر، اشرف ڪلھوڙو ڊپٽي آرگنائيزر، ياور مھيسر آرگنائيزر، سهيل ڀٽو، آرگنائيزر ،اعجاز پنھيار آرگنائيزر، فرحاد چانڊيو، آرگنائيزر، دريا خان پنھور کي مقرر ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.